سڄي ملڪ ۾ دانش اسڪولن جو دائرو وڌايو پيو وڃي، هن وقت مختلف علائقن ۾ 27 دانش اسڪول تعمير هيٺ آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مالي وسيلن جي کوٽ لکين ذهين ٻارن جي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار ۽ اڳتي وڌڻ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، دانش اسڪولن جو قيام غريب ۽ مستحق ٻارن کي معياري تعليم جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي وزن جو حصو آهي، دانش اسڪولن جو مقصد انهن ٻارن کي ملڪ جي ناليوارن تعليمي ادارن …

اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مالي وسيلن جي کوٽ لکين ذهين ٻارن جي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار ۽ اڳتي وڌڻ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، دانش اسڪولن جو قيام غريب ۽ مستحق ٻارن کي معياري تعليم جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي وزن جو حصو آهي، دانش اسڪولن جو مقصد انهن ٻارن کي ملڪ جي ناليوارن تعليمي ادارن جي برابر پر انهن کان بهتر تعليم فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي محنت، قابليت ۽ صلاحيتن سان ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن، سڄي ملڪ ۾ دانش اسڪولن جو دائرو وڌايو پيو وڃي ۽ هن وقت مختلف علائقن ۾ 27 دانش اسڪول تعمير هيٺ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن اسلام آباد ۾ دانش اسڪولن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو اڄ هتي پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت سان نه پر عوام جي خادم جي حيثيت سان موجُود آهي ۽ تقريب ۾ ڏيکاريل دستاويزي فلمون شاگردن جي تاثرات ۽ دانش اسڪولن مان تعيلم پرائي نڪرندڙ شاگردن جي ڪاميابين کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. هن خيبر پختونخواه جسان تعلق رکندڙ خصوصي صلاحيتن واري شاگردياڻي جو مثال ڏيندي چيو ته هُن زندگي جي مشڪلاتن جي باوجود اميد نه ڇڏي ۽ ثابت قدمي سان پنهنجي جدوجهد جاري رکي، سندس والد محنتي ۽ تعليم سان پيار ڪندڙ پاڪستاني آهي، تنهن هُوندي به وٽس پنهنجي ڌيءَ کي تعليم ڏيڻ لاءِ گهربل مالي وسيلا نه هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ لکين ذهين ۽ باصلاحيت ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آهن جيڪي پنهنجي محنت، قابليت ۽ مسلسل ڪوششن سان نه رڳو پنهنجي زندگي بدلائي سگهن ٿا پر پاڪستان کي دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪولن جو دائرو هاڻي پنجاب کان ٻاهر نڪري هاڻي پُوري پاڪستان ۾ پکڙجي رهيو آهي ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان، سنڌ ۽ خيبر پختونخواه جي مختلف علائقن ۾ 27 دانش اسڪول تعمير هيٺ آهن. انهن منصوبن لاءِ وسيلا فراهم ڪيا ويا آهن ۽ لاڳاپيل ٽيمن ڏينهن رات ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته دانش اسڪولن ۾ اتر وزيرستان، ڪرڪ، ڊيرا اسماعيل خان، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جي علائقن سميت اسڪردو سان لاڳاپيل شاگرد پُڻ تعليم پرائي رهيا آهن. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، آءِ ٽي جي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پڻ وزيراعظم سان گڏ هُئا هئا.

مزید خبریں