وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ دانش اسڪول جو افتتاح، ڪلاس رومز، سائنس، آءِ ٽي اينڊ روبوٽڪس ليبز ۽ آرٽ روم جو دورو

اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ دانش اسڪول جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف آچر تي دانش اسڪول جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي هن ڪلاس رومز، سائنس، آءِ ٽي اينڊ روبوٽڪس ليبز ۽ آرٽ روم جو دورو ڪيو جتي هن شاگردن کي فراهم ٿيندڙ تعليمي سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دانش اسڪول ۾ تعليم هيٺ …

اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ دانش اسڪول جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف آچر تي دانش اسڪول جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي هن ڪلاس رومز، سائنس، آءِ ٽي اينڊ روبوٽڪس ليبز ۽ آرٽ روم جو دورو ڪيو جتي هن شاگردن کي فراهم ٿيندڙ تعليمي سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دانش اسڪول ۾ تعليم هيٺ ٻارن ۽ ٻارڙين سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم مشڪل حالتن باوجود تعليم ڪندڙ ٻارن جي جذبي کي ساراهيو. ان موقعي تي ٻارن وزيراعظم کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم کي دانش اسڪول بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته دانش اسڪول اسلام آباد 30 ايڪڙ ايراضي تي قائم ڪيو ويو آهي، شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڌار ڌار اڪيڊمڪ بلاڪس بڻايا ويا آهن، هر بلاڪ ۾ 24 ڪلاس رومز، آءِ ٽي، سائنس ۽ روبوٽڪس ليبز بڻايون ويون آهن. اي لائبريري ۽ آرٽ روم به بڻايا ويا آهن، اسڪول ۾ هر ڪلاس ۾ 120 ٻار تعلي حاصل ڪري رهيا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي مختلف علائقن مان 360 هوشيار شاگردن کي 100 سيڪڙو ميرٽ تي داخل ڪيو ويو آهي، 38 استادن کي به ڀرتي ڪيو ويو آهي، ضرورت مطابق تدريسي اسٽاف ۾ اضافو ڪيو ويندو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان به وزيراعظم سان گڏ موجود هئا.

مزید خبریں