راولپنڊي- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن ڪوئيٽا، نوشڪي ۽ خضدار ۾ 17 آڪٽوبر 2026ع تي انٽيليجنس جي بنياد تي 3 آپريشنز ۾ 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان آچر ڏينهن جاري پريس رليز مطابق اهي ڪارروائيون فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي …
بلوچستان جي ضلعن ڪوئيٽا، نوشڪي ۽ خضدار ۾ انٽيليجنس بنياد تي ٽن آپريشنز ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن ڪوئيٽا، نوشڪي ۽ خضدار ۾ 17 آڪٽوبر 2026ع تي انٽيليجنس جي بنياد تي 3 آپريشنز ۾ 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان آچر ڏينهن جاري پريس رليز مطابق اهي ڪارروائيون فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي حمايت يافته 8 دهشتگرد ماريا ويا. 17 آڪٽوبر 2026ع تي ڪوئيٽا جي علائقي پنجپائي ۾ دهشتگردن مقامي ٽريفڪ کي روڪڻ لاءِ روڊ تي رڪاوٽون بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ ڀارت جي حمايت يافته 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ٻئي پاسي نوشڪي ضلعي جي علائقي کي ڪليئر ڪرائڻ جي ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي هڪ ٺڪاڻي جو پتو لڳايو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارتي حمايت يافته ٻن دهشتگردن کي ماريو ويو ۽ ان دوران دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو. اهڙي طرح خضدار ضلعي ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيل هڪ ڪارروائي ۾ سيڪيورٽي فورسز فوري ۽ جارحاڻا قدم کڻندي دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي حمايت يافته هڪ دهشتگرد مارجي ويو. ان ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ (490 ڪلوگرام) ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر مطابق علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي دهشتگرد جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن ڪارروائيون جاري آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ”عزم استحڪام“ جي ويزن تحت دهشتگردي خلاف جاري مهم پوري قوت سان جاري رهندي، ته جئين ملڪ مان غير ملڪي حمايت يافته دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪري سگهجي.









