ٽنڊوڄام- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سهڪار سان سنڌ جا 107 زرعي گريجوئيٽس وزيراعظم جي پروگرام تحت ٽن مهينن جي خاص تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ چين پهچي ويا آهن. هن تربيت دوران کين جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ نون طريقن بابت سکڻ جو موقعو ملندو، جنهن سان ملڪ ۾ زراعت جي ترقيءَ ۾ مدد ملندي. سنڌ زرعي يونيورسٽي چونڊيل اميدوارن جي تياري، اڳواٽ تربيت ۽ جائزي …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سهڪار سان سنڌ جا 107 زرعي گريجوئيٽس وزيراعظم جي پروگرام تحت ٽن مهينن جي خاص تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ چين پهچي ويا

مزید خبریں
ٽنڊوڄام- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سهڪار سان سنڌ جا 107 زرعي گريجوئيٽس وزيراعظم جي پروگرام تحت ٽن مهينن جي خاص تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ چين پهچي ويا آهن. هن تربيت دوران کين جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ نون طريقن بابت سکڻ جو موقعو ملندو، جنهن سان ملڪ ۾ زراعت جي ترقيءَ ۾ مدد ملندي. سنڌ زرعي يونيورسٽي چونڊيل اميدوارن جي تياري، اڳواٽ تربيت ۽ جائزي واري عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. يونيورسٽي جي ڪوششن سان سنڌ لاءِ مختص ڪيل ڪوٽا مڪمل استعمال ٿي ۽ 107 گريجوئيٽس کي چين ۾ تربيت حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو. زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چين پهتل گريجوئيٽس کي مبارڪ ڏيندي چيو ته اها سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوجوان چين ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ عملي تجربن مان فائدو حاصل ڪري وطن واپس اچي ملڪ ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ جديد طريقا متعارف ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وائيس چانسلر يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن ۽ عملي جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙا موقعا نوجوانن جي صلاحيتن ۾ واڌ ۽ زرعي شعبي جي بهتريءَ لاءِ اهم آهن. ان موقعي تي ميرٽوريس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالـمبين لوڌي چيو ته اها ڪاميابي يونيورسٽي جي سموري ٽيم جي گڏيل محنت جو نتيجو آهي. هن چيو ته سنڌ لاءِ مختص ڪيل ڪوٽا ضايع ٿيڻ کان بچائڻ هڪ اهم چئلينج هو، جيڪو وائيس چانسلر جي رهنمائي ۽ سموري ٽيم جي سهڪار سان پورو ٿيو. هن وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال جا ٿورا مڃيا، جن سڄي عمل جي پاڻ نگراني ڪئي ۽ ٽيم تي اعتماد ڪيو. ھن رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، ڊاڪٽر سليم مسيح ڀٽي، ڊاڪٽر محمد بچل ڀٽو، ڊاڪٽر ظهير احمد نظاماڻي، ڊاڪٽر غلام علي راهو، انور احمد خانزاده، تربيت ڏيندڙ ماهرن ۽ سهڪاري عملي جي خدمتن کي پڻ ساراهيو. هن ڊاڪٽر غلام علي راهو ۽ سندس ٽيم پاران آن لائين پورٽل تيار ڪرڻ جي ڪوششن کي به ساراهيو. هن تربيت حاصل ڪري واپس ايندڙ گريجوئيٽس جي جديد ڄاڻ ۽ مهارتن سان ملڪ ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ، نيون ٽيڪنالاجيون اختيار ڪرڻ ۽ پائيدار زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملڻ جي اميد آهي.









