صدر آصف علي زرداري پاران ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته آئين جي بالادستي، عوام جي حڪمراني ۽ جمهوري قدرن جو تحفظ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي قربانين جي تقاضا آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڪارساز سانحي جا 19 سال مڪمل ٿيڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش …

اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته آئين جي بالادستي، عوام جي حڪمراني ۽ جمهوري قدرن جو تحفظ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي قربانين جي تقاضا آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڪارساز سانحي جا 19 سال مڪمل ٿيڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته ڪارساز سانحي جي شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي قومي تاريخ جو هڪ روشن باب آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جان کي خطرا لاڳو هُجڻ جي باوجود ثابت قدم رهي، سندس جرئت ۽ قرباني جمهوريت، امن ۽ انصاف جي علمبردارن لاءِ مشعل راهه آهي. صدر چيو ته ڪارساز سانحي جي شهيدن جون قربانيون دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، ڪارساز سانحي جي شهيدن جون قربانيون ايندڙ نسلن لاءِ پرامن، جمهوري ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي عزم جو سرچشمو رهنديون. صدر ڪارساز سانحي جي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي.

مزید خبریں