اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 38 ھزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 45 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 12 هزار 900 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 38 ھزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 45 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 12 هزار 900 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 39 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 13 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي انگن اکرن مطابق گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 48 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 41 هزار 500 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 42 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 هزار ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 16 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻُڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1518.17 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 3.844 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1198.35 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.133 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 645.80 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.167 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.










