ڀارتي رياست مڌيه پرديش جي شهري گواليار ۾ تيز رفتار ٽرڪ، هندو تهوار جي شرڪت ڪندڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو، 13 ڄڻا فوت

گواليار- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارتي رياست مڌيه پريديش جي شهر گواليار ۾ تيز رفتار ٽرڪ هندو تهوار جي شرڪت ڪندڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق آچر جي صبح هڪ وڏي ٽرڪ بي قابو ٿي مندر جي ويجهو گڏ ٿيل عقيدت مندن مٿان چڙهي وئي، مقامي اسپتال جي عملدارن ان واقعي ۾ 13 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق …

گواليار- 18 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارتي رياست مڌيه پريديش جي شهر گواليار ۾ تيز رفتار ٽرڪ هندو تهوار جي شرڪت ڪندڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق آچر جي صبح هڪ وڏي ٽرڪ بي قابو ٿي مندر جي ويجهو گڏ ٿيل عقيدت مندن مٿان چڙهي وئي، مقامي اسپتال جي عملدارن ان واقعي ۾ 13 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڀارت جي صدر ۽ نائب صدر حادثي ۾ قيمتي جانين جي ضيان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

مزید خبریں