نوجوانن کي راندين جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي سرپرستي لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن کي راندين جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، راندين جي فروغ لاءِ اجتماعي ڪوششون، تربيت يافته ڪوچز ۽ مناسب وسيلا فراهم ڪرڻا پوندا، نوجوان رانديگرن کي بنا ڪنهن فرق …

اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي سرپرستي لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن کي راندين جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، راندين جي فروغ لاءِ اجتماعي ڪوششون، تربيت يافته ڪوچز ۽ مناسب وسيلا فراهم ڪرڻا پوندا، نوجوان رانديگرن کي بنا ڪنهن فرق جي موقعا فراهم ڪيا ويندا، جتي به ٽيلنٽ موجود آهي، حڪومت ان کي ڀرپور انداز ۾ فروغ ڏيندي، پاڪستاني رانديگرن ايشين گيمز ۾ ٻه چاندي ۽ اٺ ڪانسي جا تمغا کٽي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، راندين جي شعبي ۾ وڌيڪ قدمن تي مشاورت لاءِ جلد اسپورٽس ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي. هُن اهڙن خيالن جو اظهار ايشين گيمز ۾ تمغا کٽيندڙ رانديگرن جي اعزاز ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، قومي هاڪي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ اولمپئن حسن سردار ۽ اڳوڻو عالمي اسڪواش چيمپيئن جهانگير خان پڻ موجود هئا. وزيراعظم ايشين گيمز ۾ تمغا کٽيندڙ پاڪستاني رانديگرن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ايشين گيمز ۾ رانديگرن ڏينهن رات محنت ۽ والدين جي دعا سان ٻه چاندي ۽ اٺ ڪانسي جا تمغا کٽي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، پر اڃا به اڳتي وڌڻ جي گهڻي گنجائش آهي. الله تعاليٰ ماضي ۾ پاڪستان کي هر شعبي ۾ ڪاميابيون عطا ڪيُون. هاڪي جي ميدان ۾ هڪ وقت ۾ پاڪستان جي هاڪ هُوندي هُئي. حسن سردار، شهناز شيخ، شهباز سينيئر، شهباز جونيئر، اختر رسول ۽ ٻين رانديگرن دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.