ايبٽ آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 154 هين پي ايم اي لانگ ڪورس، 39 هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس، 73 هين انٽيگريٽڊ ڪورس ۽ 28 هين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد ٿي. تقريب دوران ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪيڊٽس ۾ اهم اعزاز تقسيم ڪيا. جنيد جبار کي سندس شاندار ڪاميابي تي تلوار جو …
پي ايم اي ڪاڪول ۾ 154 هين لانگ ڪورس، 39 هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس، 73 هين انٽيگريٽڊ ڪورس ۽ 28 هين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ
ايبٽ آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 154 هين پي ايم اي لانگ ڪورس، 39 هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس، 73 هين انٽيگريٽڊ ڪورس ۽ 28 هين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد ٿي. تقريب دوران ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪيڊٽس ۾ اهم اعزاز تقسيم ڪيا. جنيد جبار کي سندس شاندار ڪاميابي تي تلوار جو اعزاز (سورڊ آف آنر) سان نوازيو ويو، جڏهن ته سيد حسن عباس صدر پاڪستان جو گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، علي احمد کي چيف آف آرمي اسٽاف ڪين ڏنو ويو. اهي اعزاز تربيت دوران نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽس جي محنت، قابليت ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جو اعتراف آهن. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ فوجي تربيت مڪمل ٿيڻ ۽ نئين آفيسرن جي عملي زندگي ۾ شموليت جي حوالي سان هڪ اهم موقعو آهي. اها تقريب نئين آفيسرن جي پيشيوراڻي زندگي جي هڪ نئين مرحلي جي شروعات جي علامت آهي.











