اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ ورلڊ بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس 2026ع جي موقعي تي جي پي مورگن جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال، ڪريڊٽ ريٽنگ ۽ مالياتي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزارت مان ڇنڇر ڏينهن جاري پڌرائي مطابق ملاقات دوران ناڻي واري …
ناڻي واري وزير جي، جي پي مورگن جي وفد سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ ورلڊ بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس 2026ع جي موقعي تي جي پي مورگن جي وفد سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال، ڪريڊٽ ريٽنگ ۽ مالياتي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزارت مان ڇنڇر ڏينهن جاري پڌرائي مطابق ملاقات دوران ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف پروگرام تحت اڳڀرائي، پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي ۽ عالمي سيڙپڪار مارڪيٽن تائين ٻيهر پهچ کي اجاڳر ڪندي ساختي سڌارن لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي طرفان پاڪستان کي ڊبل بي ڪريڊٽ ريٽنگ جي درجي تائين پهچائڻ جي هدف تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته جي پي مورگن اهم معاشي اهڃاڻن ۽ اداري جاتي بهتري جي حوالي سان تجزياتي معاونت جي آڇ ڪئي. ملاقات ۾ سڪوڪ، روپئي ۾ ماليت ۽ ڊالر ۾ ادائيگي وارن بانڊز، پانڊا بانڊز ۽ يورو بانڊز جي امڪاني ٽوڪنائيزيشن سميت مالي وسيلن جي مختلف ذريعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. قرضن جي مهانگن ذريعن جي جاءِ تي بهتر مالياتي ذريعا اختيار ڪرڻ ۽ ادائيگي جو مدو وڌائڻ کي ترجيح ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزير عالمي وياج جي شرح سان واڳيل خطرن کي نظر ۾ رکندي مناسب وقت تي مالياتي ڏيتي ليتي، سيڙپڪارن سان رابطن ۽ نجي پليسمينٽ لاءِ انڊر رائيٽنگ معاونت جي حوالي سان جي پي مورگن جي مشورن کي ساراهيو. ٻنهي طرفن کان ملٽي ليٽرل انويسٽمنٽ گارنٽي ايجنسي جي ضمانت سان مالي معاونت، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي معاونت سان متنوع ادائيگي، حقن تي ٻڌل مالياتي ڏيتي ليتي، روپئي ۾ مالي معاونت ۽ قرضن جي امڪاني تبديلي جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو. ان کان علاوه ناڻي واڌ جي مستحڪم وهڪري، علائقائي خطرن، قرضن جي ڏي وٺ، ڪريڊٽ معاونت ۽ ضمانت ٿيل مالياتي انتظامن تي به ڳالهيون ٿيون.










