ناڻي واري وفاقي وزير جي، يو اين ڊي پي جي ايڊمنسٽريٽر سان ملاقات، ترقياتي مالي معاونت ۽ موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ تي ڳالهيون

بينڪاڪ- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ عالمي بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن 2026ع جي موقعي تي يو اين ڊي پي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل اليگزينڊر ڊي ڪرو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ترقياتي مالي معاونت، موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ روزگار جي موقعن کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون …

بينڪاڪ- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ عالمي بينڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن 2026ع جي موقعي تي يو اين ڊي پي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل اليگزينڊر ڊي ڪرو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ترقياتي مالي معاونت، موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ روزگار جي موقعن کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزارت مان ڇنڇر ڏينهن جاري بيان ماطبق ملاقات دوران ناڻي واري وزير دستياب مالي وسيلن ۽ پاليسي فريم ورڪس کي سيڙپڪاري جوڳن منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ عملدارآمد جي سگهه بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ٻنهي طرفان يو اين ڊي پي جي امپليمينٽيشن برج ۽ ايس ڊي جي انويسٽمنٽ فيئر ۽ وي 20 پليٽ فارم ذريعي سيڙپڪاري جي قابل منصوبن جي فهرست تيار ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ مربوط مالي معاونت، مخلوط مالي معاونت، سرڪاري ۽ نجي ڀائيواري ۽ يو اين ڊي پي ۽ ورلڊ بينڪ وچ ۾ ويجهي تعاون سميت مختلف امڪانن جو جائزو ورتو ويو. حياتياتي تنوع جي تحفظ لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي ۽ پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جي ساخت کي نظر ۾ رکندي قرض جي بدلي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ قرض جي بدلي موسمياتي قدمن بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزير نجي شعبي جي قيادت ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ننڍن ڪاروبارن ۽ آبادگارن لاءِ آمدني جي بنياد تي قرضن جي فراهمي، ڊجيٽل مالياتي سهولتن ۽ ضمانتي نظام کي وسعت ڏيڻ جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. هن موسمياتي خطرن خلاف انشورنس جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جا امڪان به بيان ڪيا، جن ۾ گلوبل شيلڊ ۽ پيرا ميٽرڪ انشورنس ذريعي تعاون شامل آهي.