راڻا ثناءُ الله سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سيد افتخار علي گيلاني جي ملاقات

اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) بين الصوبائي رابطن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سيد افتخار علي گيلاني اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀلائي، خطي جي ترقي ۽ عوام کي درپيش مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران آزاد ڪشمير جي عوام جي بهتري، نوجوانن لاءِ تعليم ۽ …

اسلام آباد- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) بين الصوبائي رابطن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سيد افتخار علي گيلاني اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀلائي، خطي جي ترقي ۽ عوام کي درپيش مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران آزاد ڪشمير جي عوام جي بهتري، نوجوانن لاءِ تعليم ۽ سندن هاڪاري سرگرمين ۾ شموليت جي حوالي سان مختلف معاملا بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته هو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ترقياتي عمل کي اثرائتو بڻائڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت جي تعاون ۽ معاونت جو ٿورائتو آهي، هن چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام جي خوشحالي، صحت، نوجوانن جي تعليم ۽ اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ بهتر روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سندس اولين ترجيح آهي. سينيٽر راڻا ثناءُ الله ان عزم جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت، آزاد ڪشمير جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن نوجوانن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ، کين بهتر مستقبل فراهم ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل تعاون جي اهميت کي اجاڳر ڪيو.