اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري غربت جي چڪر کي ٽوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ بينظير تعليمي وظيفا جهڙا قدم ڪمزور طبقن کي بااختيار بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي ۾ مددگار آهن ۽ اهي منهنجي دل جي تمام ويجهو آهن. هن اها ڳالهه غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي …
غربت جي چڪر کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي، بي آءِ ايس پي جهڙا قدم غربت جي خاتمي ۾ مددگار آهن: خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جو غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري غربت جي چڪر کي ٽوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ بينظير تعليمي وظيفا جهڙا قدم ڪمزور طبقن کي بااختيار بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي ۾ مددگار آهن ۽ اهي منهنجي دل جي تمام ويجهو آهن. هن اها ڳالهه غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 17 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي منهنجون نيڪ خواهشون ۽ دعائون انهن لکين عورتن، ٻارن ۽ خاندانن سان گڏ آهن جيڪي گهر جو چلهو ٻارڻ، مٿي تي ڇت برقرار رکڻ ۽ پنهنجي پيارن جي لاءِ بهتر مستقبل جي تعمير جي لاءِ روزانو جدوجهد ڪن ٿا. هن چيو ته غربت جي هر انگن اکرن جي پٺيان هڪ انساني چهرو، هڪ خاندان ۽ جدوجهد جي هڪ ڪهاڻي هوندي آهي. اها ماءُ هوندي آهي جيڪا پاڻ بُکي سمهي ٿي ته جيئن ان جا ٻار کاڌو کائي سگهن. اها ننڍڙي ٻارڙي هوندي آهي جنهن جي تعليم جا خواب مشڪلاتن جي ڇانوَ هيٺ دٻجي وڃن ٿا. اهو خاندان هوندو آهي جيڪو ٻوڏ ۾ سڀ ڪجهه وڃائي به ٻيهر زندگي شروع ڪرڻ جي همت پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته غربت رڳو آمدني جي گهٽتائي جو نالو نه آهي. اهو وقار، موقعن ۽ زندگي جي انهن سادي سهولتن کان محرومي آهي جن جو هر انسان مستحق آهي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) منهنجي والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، جيڪا يقين رکندي هئي ته عورتن کي بااختيار بڻايو وڃي ۽ سڀ کان ڪمزور ماڻهن کي ڪڏهن بي سهارو نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته مالي امداد سڌوسنئون عورتن جي هٿ ۾ ڏئي، بي آءِ ايس پي انهن کي پنهنجي زندگين ۾ وڌيڪ بااختيار بڻائي ٿو ۽ انهن جي پنهنجي خاندانن جي سارسنڀال جي صلاحيت کي مضبوط ڪري ٿو. هن چيو ته بينظير تعليمي وظيفا جهڙا قدم به منهنجي دل جي ايترو ئي ويجهو آهن. ڪنهن ٻارڙي کي غربت جي ڪري تعليم کان محروم نه ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن ماءُ کي اهو ڏسڻ تي مجبور نه ٿيڻ گهرجي ته ان جو ٻار بُک يا غذائي کوٽ جو شڪار هجي. اسان کي غربت جي چڪر کي ٽوڙڻو پوندو ته جيئن ڪنهن ٻار جي پيدائش جون حالتون ان جي مستقبل جي حدن جو تعين نه ڪن. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته گڏيل قومن جو هلندڙ سال جو موضوع “سڀني جي لاءِ محفوظ گهر”، پاڪستان جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. آئون 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي دل ڌوڏيندڙ منظرن کي نه ٿي وساري سگهان، جڏهن خاندانن نه رڳو پنهنجا گهر پر پنهنجي روزگار جو ذريعو، پنهنجو سامان ۽ معمولي تحفظ پڻ وڃائي ڇڏيو هو جيڪو انهن سڄي زندگي جي محنت سان حاصل ڪيو هو. هن چيو ته مون کي سنڌ حڪومت جي تاريخي قدم، ٻوڏ متاثرين بابت سنڌ پيپلز هائوسنگ (ايس پي ايڇ ايف) سان حوصلو مليو آهي جنهن جو مقصد ٻوڏ کان متاثر خاندانن جي لاءِ موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪندڙ 21 لک گهر ٻيهر تعمير ڪرڻ آهي.











