بئنڪاڪ-15 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان ۾ ايم 6 موٽر وي منصوبي جي مالي مدد، ايم ايل ون ريلوي جي جديدڪاري ۽ بجلي جي رسد جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته منصوبن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ منظورين جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ضروري …
ناڻي واري وزير جي اوپيڪ فنڊ جي صدر سان ملاقات، ايم 6 موٽر وي جي مالي مدد، اهم انفرااسٽرڪچر منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو

مزید خبریں
بئنڪاڪ-15 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان ۾ ايم 6 موٽر وي منصوبي جي مالي مدد، ايم ايل ون ريلوي جي جديدڪاري ۽ بجلي جي رسد جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته منصوبن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ منظورين جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي. ناڻي واري وزير اها ڳالهه ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بئنڪاڪ ۾ عالمي بئنڪ گروپ ۽ عالمي ماليات فنڊ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي عالمي ترقي بابت اوپيڪ فنڊ جي صدر ڊاڪٽر عبدالحميد الخليفه سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي اهم ترقياتي منصوبن لاءِ مالي مدد، بنيادي ڍانچي جي ترجيح ۽ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ معاشي استحڪام، آءِ ايم ايف پروگرام تحت ٿيل اڳڀرائي ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس تائين ملڪ جي ٻيهر پهچ کي اجاگر ڪيو. هن پاڪستان ۾ واپاري ۽ منصوباجاتي مالي مدد وڌائڻ لاءِ اوپيڪ فنڊ جي راضپي کي ساراهيندي ان تعاون کي ترقياتي ترجيحن جي تڪميل لاءِ اهم قرار ڏنو. ڌرين ايم 6 موٽر وي منصوبي جي مالي مدد تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ منصوبي لاءِ منظور ٿيل پهرين قسط قرض جي معاهدي تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ قسطن بابت معاملن جو جائزوورتو ويو، ان موقعي تي منصوبي جي مالي مدد جي مرحلن کي اڳتي وڌائڻ ۽ انهن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري قدمن جي اهميت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ايم ايل ون ريلوي منصوبي جي جديدڪاري ۽ بجلي جي رسد جي بنيادي ڍانچي جي بهتري کي به پاڪستان جي اهم ترجيحن ۾ شامل قرار ڏنو ويو، ٻنهي ڌرين طرفان ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته لاڳاپيل منصوبن تي اڳڀرائي تيز ڪرڻ لاءِ منظورين جي عمل ۾ تيزي آندي وڃي، ۽ اداراجاتي سطح تي موثر رابطاڪاري کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن منصوبن تي وقت سر عملدرآمد جي راهه هموار ٿي سگهي، ڳالهين دوران خطي ۾ امن، استحڪام بابت معاملا به بحث هيٺ آيا. ناڻي واري وزير اوپيڪ جي صدر ڊاڪٽر عبدالحميد الخليفه طرفان فنڊ جي دوري جي دعوت تي سندس ٿورو مڃيو.











