ناڻي واري وفاقي وزير جي موڊيز جي وفد سان ملاقات، پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ وڌيڪ بهتري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ

بئنڪاڪ-15 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ وڌيڪ بهتري، معاشي اهڃاڻن ۾ اڳڀرائي ۽ عالمي سيڙپ مارڪيٽن تائين پهچ جي امڪانن تي موڊيز جي نمائندن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بئنڪاڪ ۾ ورلڊ بئنڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي موڊيز جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، …

بئنڪاڪ-15 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ وڌيڪ بهتري، معاشي اهڃاڻن ۾ اڳڀرائي ۽ عالمي سيڙپ مارڪيٽن تائين پهچ جي امڪانن تي موڊيز جي نمائندن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وفاقي وزير ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بئنڪاڪ ۾ ورلڊ بئنڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي موڊيز جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي منظرنامي ۽ خودمختار ڪريڊٽ پروفائيل جو جائزو ورتو ويو. ملاقات دوران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ تازي بهتري، مالياتي ۽ ٻاهرين شعبي جي اهڃاڻن ۾ اڳڀرائي ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس تائين بيهر پهچ جا معاملا بحث هيٺ آيا. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ٻاهرين قرضن جي مجموعي ڳاڻيٽي ۾ واڌ ڪرڻ کانسواءِ مهانگائي ۽ مختصر مدي جي قرضن جي جاءِ تي ڊگهي مدي واري مالي وسيلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. پاڪستاني وفد مٽآسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ، جاري کاتن جي خساري کي محدود رکڻ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي فارورڊ رهتن ۾ گهٽتائي کي معاشي استحڪام جي حوالي سان اهم اڳڀرائي قرار ڏنو، وفاقي وزير آءِ ايم ايف پروگرام کانپوءِ به ڍانچاجاتي سڌارن جو عمل جاري رکڻ ۽ روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار معاشي ترقي لاءِ حڪمت جي عزم کي ورجايو. ناڻي واري وزير موڊيز جي نمائندن سان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ وڌيڪ بهتري جي امڪانن تي به راءِ طلب ڪئي ۽ زور ڀريو ته درجابندي جي جائزي ۾ سياسي، جاگرافيائي خطرن سان گڏ معاشي ڪارڪردگي ۽ بنيادي معاشي اهڃاڻن کي به مناسب اهميت ڏني وڃي.

مزید خبریں