اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي)خوراڪ جي عالمي ڏهاڙي 2026ع جي حوالي سان قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پنهنجي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته هر شهري کي مناسب، محفوظ ۽ غذائيت سان ڀرپور سستي خوراڪ جي فراهمي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته اڄ جدت اختيار ڪريو، سڀاڻي غذائيت فراهم ڪريو جو موضوع زرعي ۽ غذائي نظام ۾ جدت جي تقاضا …
هر شهري کي مناسب، محفوظ، غذائيت سان ڀرپور ۽ سستي خوراڪ جي فراهمي لاءِ پرعزم آهيون: راڻا تنوير حسين

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي)خوراڪ جي عالمي ڏهاڙي 2026ع جي حوالي سان قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پنهنجي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته هر شهري کي مناسب، محفوظ ۽ غذائيت سان ڀرپور سستي خوراڪ جي فراهمي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته اڄ جدت اختيار ڪريو، سڀاڻي غذائيت فراهم ڪريو جو موضوع زرعي ۽ غذائي نظام ۾ جدت جي تقاضا ڪري ٿو. هن چيو ته قومي ٻج پاليسي ۽ قومي زرعي بايو ٽيڪنالاجي پاليسي منظور ٿي چڪي آهي، قومي ٻج پاليسي معياري، تصديق ٿيل ۽ موسمي اثرن خلاف مزاحمت وارن ٻجن تائين وقت سر پهچ بهتر بڻائيندي. هن چيو ته قومي زرعي بايو ٽيڪنالاجي پاليسي بهتر فصلن ۽ وسيلن جي موثر استعمال جو فريم ورڪ فراهم ڪندي. راڻا تنوير حسين چيو ته موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ ۽ وڌندڙ خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ضروري آهي. خوراڪ جي تحفظ ۽ معيار لاءِ نيشنل ايگري ٽريڊ ايند فوڊ سيفٽي اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي، نئين اٿارٽي عالمي فوڊ سيفٽي جي گهرجن جي تعميل ۽ پاڪستاني زرعي شين جي چٽاڀيٽي بهتر بڻائيندي. هن چيو ته چوپائي مال جي جنيات بهتري ۽ پيداوار وڌائڻ لاءِ قومي لائيو اسٽاڪ بريڊنگ پاليسي تي ڪم جاري آهي، جانورن جي بيمارين جي روڪٿام، نگراني ۽ ڪنٽرول لاءِ نيشنل اينيمل هيلٿ ايڪٽ تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پيداوار وڌائڻ ڪافي ناهي، محفوظ ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ تائين عوام جي پهچ هجڻ گهرجي. راڻا تنوير حسين چيو ته ٻارن ۾ غذائي کوٽ تي ڳڻتي آهي، خوراڪ جي زيان کي گهٽائڻ ۽ زراعت کي غذائيت جي هدفن سان جوڙڻ ضروري آهي، ننڍن آبادگارن، عورتن ۽ نوجوانن کي جديد زراعت مان فائدو پهچائڻ پاليسين جي ترجيح آهي. هن چيو ته خوراڪ جي عالمي ڏهاڙي تي هارين، چوپايو مال رکندڙ ڌرين، ماهيگيرن ۽ غذائي نظام جي سمورن ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.











