صدر پاران بلوچستان ۾ پنجن دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي واشڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم پنجن دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر علائقي ۾ پرڏيهي سرپرستي ۾ سرگرم ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ جاري ڪليئرنس آپريشن کي ساراهيو. …

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي واشڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم پنجن دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر علائقي ۾ پرڏيهي سرپرستي ۾ سرگرم ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ جاري ڪليئرنس آپريشن کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي هر قيمت تي شڪست ڏني ويندي ۽ دهشتگردن جي غير مُلڪي سرپرستن ۽ انهن جي مقامي سهولتڪارن جي سازشن کي هر قيمت تي ناڪام بڻايو ويندو.