اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منيب اختر پاڪستان جي وقتي چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال خان مندوخيل کانئس حلف ورتو. سپريم ڪورٽ جي ميڊيا واري شعبي پاران جاري ڪيل بيان موجب حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ منعقد ٿي. جسٽس منيب اختر چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي …
سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منيب اختر پاڪستان جي وقتي چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو
اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منيب اختر پاڪستان جي وقتي چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال خان مندوخيل کانئس حلف ورتو. سپريم ڪورٽ جي ميڊيا واري شعبي پاران جاري ڪيل بيان موجب حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ منعقد ٿي. جسٽس منيب اختر چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي برطانيه جي نجي دوري تي روانگي دوران وقتي چيف جسٽس جا فرض سرانجام ڏيندو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، ڊائريڪٽر جنرل فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي، جوڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار حلف برداري جي تقريب جي ڪارروائي هلائي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ جا آفيسر، عملو ۽ قانون جا آفيسر پڻ موجود هئا.











