راولپنڊي- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي واشڪ ضلعي ۾ ڀارتي پراڪسي "فتنه الھندوستان" خلاف بروقت ۽ فيصلائتي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ۽ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، 12 ۽ 13 آڪٽوبر 2026ع جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ ڀارتي پراڪسي "فتنه الھندوستان" سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جي …
سيڪيورٽي فورسز پاران بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ آپريشن، دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، 5 دهشتگرد جهنم ڀيڙا
راولپنڊي- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي واشڪ ضلعي ۾ ڀارتي پراڪسي "فتنه الھندوستان” خلاف بروقت ۽ فيصلائتي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ۽ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، 12 ۽ 13 آڪٽوبر 2026ع جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ ڀارتي پراڪسي "فتنه الھندوستان” سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس تي ٻڌل هڪ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز بروقت ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارت جي سرپرستي ۾ سرگرم 5 دهشتگرد هجنم ڀيڙا ڪيا ويا. ڪارروائي ۾ هٿيارن، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادي جو هڪ وڏو ذخيرو پڻ هٿ ڪيو ويو. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي ڀارتي سرپرستي واري دهشتگرد جا خاتمي لاءِ صفائي واريُون ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان وزن عزم استحڪام (جنهن جي منظوري نيشنل ايڪشن پلان تحت وفاقي ايپڪس ڪميٽي ڏني هُئي) تحت دهشتگردي جي خاتمي جي بي لچڪ مهم پوري رفتار سان جاري رهندي، ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي لعنت جو مڪمل صفايو ڪري سگهجي.











