پاڪ فوج جي ٽيم ايڪسرسائز ڪيمبرين پيٽرول 2026ع ۾ چانديءَ جو ميڊل کٽي ورتو

لنڊن-14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ٽيم ايڪسرسائز ڪيمبرين پيٽرول 2026ع ۾ چانديءَ جو ميڊل کٽي ورتو، برطانيه ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ٽيپو عثمان، ايڪسرسائيز ڪيمبرين پيٽرول 2026ع جو چاندي جو ميڊل کٽيندڙ پاڪستان آرمي ٽيم جي ميزباني ڪئي. اربع ڏينهن پاڪستان جي هاءِ ڪميشن لنڊن طرفان جاري بيان مطابق هاءِ ڪمشنر ٽيم کي سلور ميڊل کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ مشق جي تجربي تي خيالن جي …

لنڊن-14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ٽيم ايڪسرسائز ڪيمبرين پيٽرول 2026ع ۾ چانديءَ جو ميڊل کٽي ورتو، برطانيه ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ٽيپو عثمان، ايڪسرسائيز ڪيمبرين پيٽرول 2026ع جو چاندي جو ميڊل کٽيندڙ پاڪستان آرمي ٽيم جي ميزباني ڪئي. اربع ڏينهن پاڪستان جي هاءِ ڪميشن لنڊن طرفان جاري بيان مطابق هاءِ ڪمشنر ٽيم کي سلور ميڊل کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ مشق جي تجربي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪيمبرين پيٽرول جي مشق ويلز، برطانيه ۾ 2 کان 13 آڪٽوبر 2026ع تائين منعقد ٿي. هلندڙ سال 36 ملڪن جي 140 ٽيمن مشق ۾ حصو ورتو. هلندڙ سال مشق ۾ پاڪستان جي نمائندگي 59 پنجاب ريجمنٽ ڪئي، جنهن ۾ هڪ آفيسر ۽ 7 سپاهي شامل هئا. ان کان پهرين پاڪستان 2022ع ۽ 2023ع ۾ چانديءَ جو ميڊل کٽيو ۽ 2024ع ۽ 2025ع ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. هلندڙ سال جي سلور ميڊل سان پاڪستان هن وقت تائين لڳاتار 5 سال ميڊل کٽيا آهن. پاڪستاني ٽيم جي بهترين ڪارڪردگي پاڪ فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ فٽنس جي عالمي سطح تي عڪاسي ڪري ٿي.

مزید خبریں