پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي يادداشت سميت 6 معاهدن ۽ يادداشتن تي صحيحون، وزيراعظم محمد شهباز شريف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا جي تقريب جو مشاهدو ڪيو

اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ عمان اٺين پاڪستان – عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس جي ڪارروائي کي باضابطا شڪل ڏيندڙ پروٽوڪول، سفارتي، خصوصي، سرڪاري ۽ سروس پاسپورٽ رکندڙن جي لاءِ گڏيل ويزا ڇوٽ جي معاهدي ۽ رڪارڊ ۽ آرڪائيوز جي شعبي ۾ مفاهمت جي يادداشت، اطلاعات ۽ نشريات، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ خبرن جي مٽاسٽا ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي …

اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ عمان اٺين پاڪستان – عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس جي ڪارروائي کي باضابطا شڪل ڏيندڙ پروٽوڪول، سفارتي، خصوصي، سرڪاري ۽ سروس پاسپورٽ رکندڙن جي لاءِ گڏيل ويزا ڇوٽ جي معاهدي ۽ رڪارڊ ۽ آرڪائيوز جي شعبي ۾ مفاهمت جي يادداشت، اطلاعات ۽ نشريات، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ خبرن جي مٽاسٽا ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جي يادداشت سميت 6 معاهدن ۽ يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي جي اٺين پاڪستان – عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس جي لاءِ پاڪستان جي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا جي تقريب جو مشاهدو ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي اٺين پاڪستان – عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس جي ڪارروائي کي باضابطا شڪل ڏيندڙ پروٽوڪول، سفارتي، خصوصي، سرڪاري ۽ سروس پاسپورٽ رکندڙن جي لاءِ گڏيل ويزا ڇوٽ جي معاهدي ۽ رڪارڊ ۽ آرڪائيوز جي شعبي ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون. باقي ٽن مفاهمتي يادداشتن تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه صحيحون ڪيون. انهن يادداشتن ۾ اطلاعات ۽ نشريات، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ خبرن جي مٽاسٽا ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون شامل آهي. انهن معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ پراڻي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاس آهي.

مزید خبریں