اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روس سان دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ گڏيل مفاد جي لاءِ موجوده ٻطرفي طريقيڪار مان موثر فائدو کڻندي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ اقتصادي ترقي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي روسي گهرو وزير ولاديمير ڪولوڪولتسيف سان ملاقات، واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ اقتصادي ترقي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روس سان دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ گڏيل مفاد جي لاءِ موجوده ٻطرفي طريقيڪار مان موثر فائدو کڻندي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ اقتصادي ترقي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي روس جي گهرو وزير ولاديمير ڪولوڪولتسيف سان ملاقات ٿي. روسي وزير هن وقت پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم روس سان دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ گڏيل مفاد جي لاءِ موجوده ٻطرفي طريقيڪار مان موثر فائدو کڻندي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ اقتصادي ترقي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. روسي گهرو وزير ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي روس جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن مختلف گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيندي پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي وسيع امڪانن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ٻطرفا رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان سان ويجهي تعاون جي لاءِ روس جي راضپي جو اظهار ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم منظم ڏوهن جي روڪٿام جي لاءِ تعاون مضبوط بڻائڻ بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي.










