اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ گڏيل مذهب، جاگرافيائي ويجهڙائپ، تاريخ، ثقافت ۽ صدين تي ٻڌل عوامي رابطا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جو مضبوط بنياد آهن، پاڪ عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جو اٺون اجلاس ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي …
اميد آهي پاڪ عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جو اجلاس ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ گڏيل مذهب، جاگرافيائي ويجهڙائپ، تاريخ، ثقافت ۽ صدين تي ٻڌل عوامي رابطا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جو مضبوط بنياد آهن، پاڪ عمان گڏيل وزارتي ڪميشن جو اٺون اجلاس ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي ملاقات ڪئي. هو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏ پاڪستان ۽ عمان جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس جي گڏيل صدارت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. وزيراعظم عمان جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ گڏيل مذهب، جاگرافيائي ويجهڙائپ، تاريخ، ثقافت ۽ صدين تي ٻڌل عوامي رابطا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جو مضبوط بنياد آهن. هن چيو ته پاڪستان عمان کي هڪ ڀائر ملڪ، اهم سامونڊي پاڙيسري ۽ خطي ۾ هڪ قابل قدر حصيدار سمجهي ٿو. وزيراعظم پاڪستان ۽ عمان جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي اجلاس ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري تي ٻڌل عمان جي اصولي موقف کي ساراهيو. عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد البوسعيدي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا ادا ڪيا. هن گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪندي اتفاق ڪيو ته ان سان مختلف شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿيندي. عمان جي پرڏيهي وزير علائقائي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ مسئلن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل سفارتي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ عمان جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس جي پروٽوڪول تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون، خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا، تاريخي دستاويزن جي تياري ۽ محفوظ رکڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سفارتي ۽ سرڪاري سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۾ سهولت فراهم ڪرڻ بابت معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون.










