رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي چيني سيڙپڪارن کي سي پيڪ 2.0 تحت پاڪستان کي علائقائي پيداوار ۽ روانگي واپار جو مرڪز بڻائڻ جي دعوت

اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڪاروباري سطح تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي (سي پيڪ 2.0) ۾ صنعتي ترقي، روانگي واپار ۾ واڌ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هو اربع ڏينهن چين …

اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڪاروباري سطح تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي (سي پيڪ 2.0) ۾ صنعتي ترقي، روانگي واپار ۾ واڌ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هو اربع ڏينهن چين جي سنڪيانگ حڪومت جي سينئر صلاحڪار يوان جيان من جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪاروباري وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. احسن اقبال پاڪستان ۽ چين جي تاريخي دوستي جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڪيانگ ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ خاص اهميت رکي ٿو. گڏيل سرحد، عوامي رابطن ۽ شاهراهه قراقرم ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي عرصي واري دوستي ۽ علائقائي رابطن جون نمايان علامتون آهن. هن چيو ته سي پيڪ 2.0 کي پهرين مرحلي کان به وڌيڪ ڪامياب بڻائڻ لاءِ واپار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير سي پيڪ جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته جولاءِ 2013ع ۾ ٿيل معاهدي جي نتيجي ۾ صرف پنجن سالن ۾ 25 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿي آهي. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري سان اٽڪل 8 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيو، جنهن سان پاڪستان کي توانائي جي شديد کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۽ معاشي تبديلي جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته سي پيڪ 2.0 تحت صنعتي تعاون، پاڪستاني نجي شعبي کي متحرڪ ڪرڻ، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، انفارميشن ٽيڪنالاجي، جديد ٽيڪنالاجيز ۽ تعليمي مٽاسٽا کي ترجيح ڏني ويندي. احسن اقبال روانگي واپار تي ٻڌل معاشي ترقي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ايندڙ ٽن سالن ۾ روانگي اوپار ۾ 7 ارب ڊالرن جو اضافو پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ٻاهرين مالي مدد تي ڀاڙڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. احسن اقبال چيني سيڙپڪارن تي زور ڀريو ته هو پاڪستان ۾ پيداواري ۽ صنعتي يونٽس قائم ڪن ۽ ملڪ کي علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽن لاءِ پيداواري ۽ روانگي واپار جي مرڪز طور استعمال ڪن. هن چيو ته صنعتي تعاون ۽ روانگي واپار تي ٻڌل سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ سان پاڪستان کي اعليٰ قدر جون شيون تيار ڪرڻ، روزگار جي فراهمي ۽ ان جي روانگي واپار جي بنياد کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. سنڪيانگ حڪومت جي سينئر صلاحڪار يوان جيان من پاڪستان ۽ چين جي اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ احسن اقبال جي ڊگهي عرصي کان جاري ڪردار کي ساراهيندي کيس سي پيڪ جو علمبردار قرار ڏنو. هن چيو ته ان منصوبي کي اڳتي وڌائڻ ۾ وفاقي وزير جو ڪردار اهم رهيو آهي. يوان جيان من مئي 2013ع ۾ احسن اقبال سان پنهنجي پهرين ملاقات جو حوالو ڏيندي سي پيڪ ۽ ٻطرفي تعاون لاءِ سندس اعتماد، حوصلا افزائي ۽ مسلسل حمايت کي ساراهيو. هن خنجراب پاس ذريعي سرحد پار واپار وڌائڻ، پاڪ – چين سرحدي واپاري مارڪيٽ قائم ڪرڻ ۽ چين ڏانهن پاڪستاني روانگي واپار وڌائڻ جي وسيع امڪانن جي نشاندهي ڪئي. هن چيو ته چيني ڪمپنين لاءِ پاڪستان ۾ مينوفيڪچرنگ، نئين توانائي، مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پُرڪشش جا موقعا موجود آهن. يوان جيان من ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ۾ سي پيڪ 2.0 تحت نمايان نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ملاقات ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ چين جي ڊگهي عرصي کان هلندڙ دوستي کي مضبوط واپاري ڀائيواري، گڏيل واپار ۾ واڌ ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند سيڙپڪاري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون.

مزید خبریں