گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا ۾ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ خيبرپختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جي اميد آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. ،موسميات کاتي مطابق موسميات کاتي تنبيه جاري ڪئي آهي ته اربع جي رات دوران آنڌاڻي، جهڪ …

اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ خيبرپختونخوا ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جي اميد آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. ،موسميات کاتي مطابق موسميات کاتي تنبيه جاري ڪئي آهي ته اربع جي رات دوران آنڌاڻي، جهڪ هلڻ، ڳڙو پوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات پوڻ سبب ڪمزور انفراسٽرڪچر (ڪچن گهرن/ ڀتين، بجلي جي ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين، سولر پينل، بيٺل فصلن وغيره) کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. (اڄ) خميس ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ، جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ پوٽوهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ رهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد مٺي 42، شهيد بينظير آباد، حيدرآباد 41 ۽ سڪرنڊ ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں