راولپنڊي-14 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان روسي فيڊريشن جي گهرو وزير ولاديمير ڪولو ڪولتسيف اربع ڏينهن جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ اهم ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان روس جي گهرو وزير جي، جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات، ٻطرفي سيڪيورٽي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
راولپنڊي-14 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان روسي فيڊريشن جي گهرو وزير ولاديمير ڪولو ڪولتسيف اربع ڏينهن جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ اهم ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ روس جي سيڪيورٽي ادارن وچ ۾ اداره جاتي رابطن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۽ گڏيل هم آهنگي کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل مفادن جي شعبن خاص ڪري سيڪيورٽي جي ميدان ۾ عملي ۽ ٺوس تعاون کي سگهه ڏيڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. ان موقعي تي معزز مهمان ولاديمير ڪولو ڪولتسيف خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي، پختي عزم ۽ ڏنل لازوال قربانين جو اعتراف ڪندي کيس ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو.











