ناڻي واري وزير جي آءِ ايم ايف جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات

بنڪاڪ-14 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر نائجل ڪلارڪ سان ملاقات ڪئي ۽ ان سان پاڪستان جي معاشي اڳڀرائي ۽ سڌارن بابت ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٿائيلينڊ جي شهر بنڪاڪ ۾ عالمي بئنڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف …

بنڪاڪ-14 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر نائجل ڪلارڪ سان ملاقات ڪئي ۽ ان سان پاڪستان جي معاشي اڳڀرائي ۽ سڌارن بابت ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٿائيلينڊ جي شهر بنڪاڪ ۾ عالمي بئنڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف سان حصيداري کي ساراهيندي سڌارن لاءِ مضبوط سياسي عزم ۽ ان تي مسلسل عملدرآمد جي اهميت تي زور ڀريو. هن پاڪستان جي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن ۾ واپسي ۽ سيڙپڪارن جي ڀرپور شرڪت کي به اجاگر ڪيو. هن معاشي طور ڪمزور طبقن جي تحفظ ۽ سماجي هم آهنگي برقرار رکڻ لاءِ هدفن تي ٻڌل فيول سبسڊي جي قدمن کان آگاهه ڪيو. هن پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي، مسلسل ٽن سالن کان بنيادي مالياتي سرپلس کي حاصل ڪرڻ ۽ مجموعي قومي پيداوار جي تناسب سان قرضن ۾ گهٽتائي تي به روشني وڌي. ملاقات ۾ پائيدار معاشي اوسر، پاليسين جي تسلسل ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط برقرار رکندي صحت ۽ تعليم جي خرچن جي تحفظ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته پرڏيهي ناڻي جا مناسب ذخيرا برقرار رکڻ ۽ محصولن ۾ اضافي لاءِ قدمن جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن، ان سان انساني سرمائي، انفر اسٽرڪچر ۽ عوامي خدمتن ۾ سيرپڪاري لاءِ وسيلن جي فراهمي ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں