عمران خان سياسي قيدي ناهي پر 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ سزا يافته آهي، پاڪستان کي سياسي لانگ مارچن بدران اقتصادي لانگ مارچ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان سياسي قيدي ناهي پر 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ سزا يافته آهي، پاڪستان کي سياسي لانگ مارچن بدران معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تي بحث ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ڳالهيون شروع ڪرڻ …

اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان سياسي قيدي ناهي پر 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ سزا يافته آهي، پاڪستان کي سياسي لانگ مارچن بدران معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تي بحث ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ رات دير تائين ڪوششون ڪيون ويون پر ٻئي پاسي کان دير ڪئي وئي، اسان به انتظار ڪندا رهياسين ته ڳالهين جي عمل جي شروعات ٿئي پر ان ۾ دير ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته 12 آڪٽوبر جي غير آئيني قدم ۽ 11 آڪٽوبر تي 1973ع جي آئين تحت اختيار استعمال ڪرڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، خيبر پختونخواهه ۾ ايمرجنسي جو قدم ڪو سٺو فيصلو نه پر انتهائي مجبوري ۾ کنيل قدم آهي. ڪاش ٻئي طرف کان دهشتگردي خلاف گهربل خاطري ڪرائي وڃي ها. هن چيو ته 2013ع کان پوءِ خيبر پختونخواهه جي پختون ڀائرن جا ڪلها جنازا کڻندي کڻندي ٿڪجي پيا هئا ۽ روزانو آپگهاتي حملا ٿي رهيا هئا. نواز شريف جي حڪومت ڀرپور ڪارروائي ذريعي صوبي کي دهشتگردي کان ڇوٽڪارو ڏياريو ۽ امن بحال ڪيو، جڏهن ته دهشتگردن کي واپس آڻي آباد ڪيو ويو، اِن يقين سان ته اهي هٿين خالي ٿي ايندا ۽ آئين جي پاسداري ڪندا پر ائين نه ٿيو. وفاقي وزير چيو ته خيبر پختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ شام کان پوءِ ماڻهن جو گهرن مان نڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو. بنون، ڊيرا اسماعيل خان ۽ ٻين علائقن ۾ سرڪاري ملازم، سيڪيورٽي اهلڪار ۽ شهري دهشتگردي جو نشانو بڻجندا رهيا جن خاندانن جا پيارا دهشتگردي ۾ شهيد ٿيا انهن جي ڏک جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اهڙي ۾ جڏهن هو ٽيليويزن تي ناچ، موسيقي ۽ سياسي ترانا ڏسندا هوندا ته انهن جي دلين تي ڇا گذري رهيو هوندو؟ هي دهشتگردي خلاف وابستگي جو اظهار ناهي. هن چيو ته ڀارت خلاف شهيدن جي ياد ملهائڻ سٺي ڳالهه آهي پر اولهندي سرحدن تي دهشتگردي جو مقابلو ڪندي شهيد ٿيل سيڪيورٽي آفيسرن ۽ جوانن سان به يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير پنهنجي مٿان 2018ع ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي جو ذڪر ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي بيانيي جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مٿس فائرنگ ڪئي پر الله تعاليٰ کيس نئين زندگي ڏني. ٻي سرجري ذريعي اسٽيل ڪڍڻ جي ٽئين ڏينهن کيس نيب طرفان طلبي جو نوٽيس ملي ويو ۽ بعد ۾ گرفتار ڪيو ويو. ڊاڪٽرن ۽ عدالت فزيوٿراپي کي سندس علاج جو لازمي حصو قرار ڏنو هو پر اڍائي مهينن تائين کيس اها سهولت فراهم نه ڪئي وئي. هڪ ڏينهن هڪ احتجاج تي کيس پولي ڪلينڪ ۾ آندو ويو جتي کيس تالا لڳل هئا ۽ پوءِ واپس جيل منتقل ڪيو ويو ان جي نتيجي ۾ سندس ڪلهو مستقل طور تي ٽيڙو ٿي ويو. وفاقي وزير چيو ته سياسي قيد ۽ ناانصافين جي باوجود هن ڪڏهن شڪايتن جو روئڻو نه رنو، عدالت ۾ پيش ٿيڻ وقت ٽائي ۽ ڪوٽ پائي ويندو هئس. هن ڪوٽ لکپت جيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته شديد حٻس ۾ رکڻ سبب سندس ڪپڙن مان پگهر اهڙي طرح ٽمي رهيو هو ڄڻ ته هو وهنجي آيو هجي، پر نواز شريف يا سندس طرفان ڪڏهن به ان بابت شڪايت نه ڪئي وئي. اسان جي خلاف ناانصافيون ٿيون ته اسان آمريڪي سينيٽ، ڪانگريس يا برطانوي ايوانن ۾ وڃي فرياد ۽ التجا نه ڪئي پر اسان پنهنجي عدالتن ۾ ڪيس وڙهيا ۽ پنهنجو مٿو مٿي ڪري ٻاهر آياسين، بدقسمتي سان اڄ پاڪستان خلاف سڀ کان وڏي شڪايت ڪندڙ پي ٽي آءِ جا ماڻهو آهن جيڪي عالمي ادارن ۽ سڄي دنيا ۾ ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان هن حڪومت جو سياسي قيدي نه آهي پر 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ سزا يافته آهي. برطانيه مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 190 ملين پائونڊ پاڪستان کي واپس ڪيا جيڪي اٽڪل 60 ارب رپيا بڻجندا هئا، هي رقم قومي خزاني ۾ جمع ٿيڻ گهرجي ها پر ان کي ملڪ رياض جي ڏنڊ جي ادائيگي لاءِ استعمال ڪيو ويو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته جيڪي ٻين کي ڪرپشن خلاف وڙهڻ جو درس ڏين ٿا ۽ پنهنجي سياسي مخالفن کي چور سڏيندا رهن ٿا، انهن کي پنهنجي رويي جو جواب ڏيڻ گهرجي. هن پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي چيو ته اڊيالا جيل وڃي پنهنجي اڳواڻ کان پڇن ته هن 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ڇا ڪيو؟ هي معاملو سندس دامن تي هڪ وڏو داغ آهي. هن فنانشل ٽائمز ۾ شوڪت خانم اسپتال لاءِ ڪرڪيٽ ميچن ذريعي گڏ ڪيل عطين جي مبينا سياسي استعمال بابت شايع ٿيل رپورٽ جو حوالو ڏيندي سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ ۾ اخلاقي جرئت آهي ته هو لنڊن جي عدالت ۾ اخبار کي چئلينج ڪري ۽ ان کان معافي وٺرائي؟ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيلي ميل ۾ پنهنجي خلاف شايع ٿيل خبر کي برطانوي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ۽ اخبار کان معافي حاصل ڪئي. وفاقي وزير چيو ته سزا يافته شخص جي آزادي جو فيصلو حڪومت، پارليامينٽ يا اسٽيبلشمينٽ نه پر عدالت قانون موجب ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي سياسي قانون تحت گرفتار ڪيو ويو آهي ته حڪومت ان معاملي ۾ قدم کڻي سگهي ٿي، پر عدالتي سزا جي صورت ۾ قانوني طريقيڪار اختيار ڪرڻ ضروري آهي. پارليامينٽ، پي ٽي وي ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملا، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ۽ جناح هائوس کي ساڙڻ جهڙن واقعن ۾ پي ٽي آءِ جو نالو سامهون ايندو رهيو آهي، پاڪستان کي هر ٻن سالن کانپوءِ وفاقي گادي واري هنڌ تي چڙهائي ۽ سياسي لانگ مارچن بدران معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي. احسن اقبال چيو ته ملڪ ۾ تخريبڪاري ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ پاڪستان کي ٻيهر ڀڃ ڊاهه ۽ ڏڦيڙ جي سياست جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڇاڪاڻ ته 26 ڪروڙ پاڪستانين خاص ڪري نوجوانن جي مستقبل جو معاملو آهي.

مزید خبریں