اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته بلوچستان ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ پورهيتن کي شناختي ڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ شهيد ڪيو ويندو آهي، انهن پورهيتن لاءِ به آواز اٿارڻ ضروري آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ميمبرن جي ڪجهه نڪتن تي دفاع واري وزير چيو ته هو اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ چاهي ٿو ته ۽ هي هڪ انتهائي …
بلوچستان ۾ دهشتگردي جو شڪار ٿيل پورهيتن لاءِ به آواز اٿارڻ ضروري آهي: دفاع وارو وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته بلوچستان ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ پورهيتن کي شناختي ڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ شهيد ڪيو ويندو آهي، انهن پورهيتن لاءِ به آواز اٿارڻ ضروري آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ميمبرن جي ڪجهه نڪتن تي دفاع واري وزير چيو ته هو اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ چاهي ٿو ته ۽ هي هڪ انتهائي سنجيده مسئلو آهي، ان تي آواز اٿارڻ گهرجي. دفاع واري وزير چيو ته پنجاب جو غريب ترين طبقو بلوچستان ۾ وڃي محنت مزدوري ڪندو آهي پر انهن جا لاش واپس ايندا آهن. انهن غريب مزدورن کي گاڏين ۽ ٽرينن مان لاٿو ويندو آهي، انهن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ کين گوليون هنيون وينديون آهن. دفاع واري وزير چيو ته جيڪي دهشتگرد اهي ڪارروائيون ڪن ٿا، اسان انهن کي به اهڙي طرح دهشتگرد سمجهون ٿا جهڙي طرح خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي ڪندڙن کي سمجهون ٿا. هو به دهشتگردي جي انهي تعريف تي پورو لهن ٿا پر گهٽ ۾ گهٽ مخالف ڌر جا سياستدان انهن مظلومن لاءِ آواز اٿارين. اتي پنج 6 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويندو آهي پر انهن کي اهو چوڻ گهرجي ته هي اسان جا مهمان آهن، ٻي صوبي سان تعلق رکن ٿا ۽ انهن سان زيادتي ٿي رهي آهي، آخر اهي ماڻهو انهن جي حق ۾ ڇو نٿا ڳالهاين؟ دفاع واري وزير چيو ته جهڙي طرح پي ٽي آءِ وارا ان معاملي تي نٿا ڳالهائين، اهڙي طرح هي سياستدان به خاموش رهندا آهن، اهي ماڻهو صرف هتي اچي ڳالهائيندا آهن، اتي وڃي ڪا ٻي ڳالهه ڪندا آهن.











