اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ 5 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن جو مظهر آهي، سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، بلوچستان ۾ امن امان جي قيام لاءِ …
سردار اياز صادق پاران بلوچستان جي واشڪ ضلعي ۾ 5 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ 5 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن جو مظهر آهي، سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، بلوچستان ۾ امن امان جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جو عزم تعريف جوڳو آهي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪوششون تحسين جوڳيون آهن.











