اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قيمتي پٿرن ۽ جواهرن جي پائلٽ پروجيڪٽ جي تياري ۾ سستي ۽ شعبي جي ترقي لاءِ قدمن ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ترجيحي بنيادن تي مقرر وقت ۾ لائحه عمل جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قيمتي پٿرن ۽ جواهرن جي شعبي جي ترقي ۽ انهن جي …
وزيراعظم پاران قيمتي پٿرن ۽ جواهرن جي پائلٽ پروجيڪٽ بابت ترجيحي بنيادن تي مقرر وقت ۾ لائحه عمل جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قيمتي پٿرن ۽ جواهرن جي پائلٽ پروجيڪٽ جي تياري ۾ سستي ۽ شعبي جي ترقي لاءِ قدمن ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ترجيحي بنيادن تي مقرر وقت ۾ لائحه عمل جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قيمتي پٿرن ۽ جواهرن جي شعبي جي ترقي ۽ انهن جي برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ قدمن جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته قيمتي پٿرن ۽ جواهرن جي شعبي جي ترقي لاءِ قدم ترجيح آهن، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي سستي قابل قبول نه آهي. هن هدايت ڪئي ته قيمتي پٿرن جي مائننگ ۽ انهن کي تراشڻ سان قيمت ۾ اضافي جو هڪ مڪمل ماحولياتي نظام تيار ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته غير معياري طريقي سان مائننگ ۽ قيمتي پٿرن جي اسمگلنگ سان ملڪ کي ساليانو اربين ڊالر جو نقصان کڻڻو پوي ٿو. پاڪستان کي الله تعاليٰ قدرتي وسيلن جي دولت سان نوازيو آهي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته قيمتي پٿرن ۽ معدنيات جي وسيع ذخيرن مان برآمدات ۾ اضافيجي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، خطي جي ٻين ملڪن وانگر قيمتي پٿرن ۽ جواهرن لاءِ برانڊ پاڪستان تي ڪم ڪيو وڃي، ويليو ايڊيشن لاءِ سينٽرز آف ايڪسيلينس جي جلد قيام لاءِ لائحه عمل جوڙيو وڃي. وزيراعظم پائلٽ پروجيڪٽس ۽ قيمتي پٿرن جي ماڊل مائنز جي تعمير لاءِ سڀئي رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي قيمتي پٿرن جي کوج، تراشڻ ۽ انهن جي ويليو ايڊيشن کانپوءِ برآمدات جي لاءِ تياري جي پائلٽ پروجيڪٽ تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حسين آباد اسڪردو ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس منصوبي لاءِ 4.8 ڪينال زمين منتقل ٿي چُڪي آهي، منصوبي جي لاءِ فنڊز دستياب آهن ۽ تعمير جلد شروع ڪئي ويندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ منصوبي لاءِ زمين جي نشاندهي ٿي چُڪي آهي، اسلام آباد ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس جي تعمير تائين ان کي متبادل جاءِ تي مڪمل طور تي فعال ڪيو ويندو. اجلاس ۾ شعبي جي ترقي لاءِ پاليسي قدمن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته قيمتي پٿرن ۽ جواهرن جي حوالي سان نشاندهي ڪيل علائقن جي جيولاجيڪل ميپنگ مڪمل ٿي چُڪي آهي جنهن ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ خيبر پختونخواهه ۾ 8 نون بلاڪن جي قيمتي پٿرن جي دريافت جي حوالي سان وڌيڪ ڪم جي لاءِ نشاندهي ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ ڏنل بريفنگ موجب هِن سال شعبي جي ترقي جي لاءِ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ جي مُد ۾ هڪ ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. برآمد ڪندڙن جي سهولت لاءِ 7 شهرن ۾ 10 بينڪن جي 80 شاخن ۾ ايڪسپورٽ سهولت ڊيسڪ قائم ڪيا ويا آهن. وزيراعظم ايندڙ هفتي قيمتي پٿرن ۽ جواهرن لاءِ سينٽر آف ايڪسيلنس جي قيام ۽ شعبي جي ترقي جي حوالي سان قدمن جو جامع لائحه عمل جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، احسن اقبال، عطاءُ الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











