دفاع واري وزير سان برازيل جي هٿياربند فوج جي چيف آف جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ايڊمرل جي ملاقات

راولپنڊي- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان برازيل جي هٿياربند فوج جي چيف آف جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ايڊمرل ريناتور وڊريگزڊي اگيار فريري اڱاري تي سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. دفاع واري وزارت پاران جاري …

راولپنڊي- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان برازيل جي هٿياربند فوج جي چيف آف جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ايڊمرل ريناتور وڊريگزڊي اگيار فريري اڱاري تي سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. دفاع واري وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير پاڪستان ۽ برازيل وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ گڏيل مفادن جي تحفظ سميت ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون جون نئيون راهون تلاش ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو.