اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري واضح ڪيو آهي ته گڏيل دفاعي معاهدو نج دفاعي نوعيت جو آهي، ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهي ۽ نه ئي ان جو مقصد ڪو نئون بلاڪ جوڙڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل ۽ اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علائقائي ۽ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ …
صدر آصف علي زرداري پاران مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت علائقائي امن ۽ دفاعي تعاون جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري واضح ڪيو آهي ته گڏيل دفاعي معاهدو نج دفاعي نوعيت جو آهي، ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهي ۽ نه ئي ان جو مقصد ڪو نئون بلاڪ جوڙڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل ۽ اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علائقائي ۽ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم تي قائم آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل دفاعي معاهدي تحت مقرر ٿيندڙ پهرين سيڪريٽري جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعمان محمود ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعمان محمود رياض ۾ قائم ڪيل اتحاد جي جنرل سيڪريٽريٽ جي سربراهي ڪندو. صدر آصف علي زرداري ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان، ترڪيه ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 7 آگسٽ 2026ع تي طئي ٿيندڙ مڪه گڏيل دفاعي معاهدو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي اصولن تحت دفاعي تعاون جي ذريعي علائقائي امن ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن واضح ڪيو ته هي معاهدو نج دفاعي نوعيت جي آهي، ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهي ۽ نه ئي ان جو مقصد ڪو نئون بلاڪ جوڙڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل ۽ اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علائقائي ۽ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم تي قائم آهي. ملاقات ۾ گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي بابت وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي پڻ موجود هو.










