وفاقي ڪابينا وزيراعظم کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت ايمرجنسي لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، پي ايم هائوس مان ايڊوائس ايوان صدر موڪلي وئي

اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت ايمرجنسي لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، وزيراعظم هائوس مان ايڊوائس ايوان صدر موڪلي وئي. آچر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، ڪابينا کي خيبرپختونخوا ۾ امن امان ۽ دهشتگردي جي …

اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت ايمرجنسي لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، وزيراعظم هائوس مان ايڊوائس ايوان صدر موڪلي وئي. آچر تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، ڪابينا کي خيبرپختونخوا ۾ امن امان ۽ دهشتگردي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي، ڪابينا خربرپختونخوا ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف جنگ کان صوبائي حڪومت جي ڄاڻي واڻي لاتعلقي کي نظر ۾ رکندي حالتن جو تفصيلي جائزو ورتو. ڪابينا وزيراعظم کي تجويز ڏني ته صدر مملڪت کي صلاح ڏيو ته هو حالتن جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي پنهنجو آئيني اختيار استعمال ڪندي خيبرپختونخوا صوبي ۾ آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت ايمرجنسي لاڳو ڪري، ان سلسلي ۾ وزيراعظم هائوس مان ايڊوائس ايوان صدر موڪلي وئي آهي.

مزید خبریں