پاڪستان پاران شاه خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حوثي مليشيا جي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان رياض جي شاه خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حوثي مليشيا پاران نشانو بڻائڻ جي تازي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي سويلين هوائي اڏي کي نشانو بڻائڻ کي دهشتگردي جو گٿو فعل، عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو آهي. آچر تي پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق پاڪستان حملي جي نتيجي ۾ جاني نقصان ۽ …

اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان رياض جي شاه خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حوثي مليشيا پاران نشانو بڻائڻ جي تازي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي سويلين هوائي اڏي کي نشانو بڻائڻ کي دهشتگردي جو گٿو فعل، عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو آهي. آچر تي پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق پاڪستان حملي جي نتيجي ۾ جاني نقصان ۽ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي اخلاع تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسانجون دعائون متاثرن ۽ سندن ڪٽنب ڀاتين سان گڏ آهن، اسان فوتين جي وارثن سان دلي تعزيت ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلدي ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون، حوثي مليشيا پاران شهري آبادي ۽ اهم بنيادي ڍانچي کي مسلسل نشانو بڻائڻ قطعي طور قبول جوڳو ناهي ۽ عالمي برادري کي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته جارحيت جي اهڙن کليل حملن کي ڪنهن به صورت جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي ۽ انهن کي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي، پاڪستان انهن مسلسل دهشتگرد حملن کي نظر ۾ رکندي برادر مملڪت سعودي عرب جي قيادت ۽ عوام سان پختي يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، گڏيل دفاع لاءِ مڪه مڪرمه معاهدي ۽ ان جي اسٽريٽجڪ، سياسي ۽ دفاعي ڪيمٽي جي تازن فيصلن مطابق پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي پنهنجي علائقي جي دفاع، پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ پنهنجن شهرن ۽ اهم بنيادي ڍانچي کي سمورن خطرن ۽ جارحاڻين ڪارروائين کان محفوظ رکڻ جي جائز حق جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، حوثي مليشيا کان مطالبو ڪري ٿو ته هو پنهنجا دهشتگرد حملا فوري طور بند ڪري ۽ عالمي برادري تي زور ڀري ٿو ته هو اهڙن قدمن خلاف واضح موقف اختيار ڪري جيڪي بي گناهه انساني جانين کي خطري ۾ وجهن ۽ علائقائي استحڪام کي نقصان پهچائن ٿا، پاڪستان سعودي عرب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو رهندو ۽ ان جي خودمختياري، سلامتي ۽ دفاع لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم رهندو.

مزید خبریں