اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪندي نائب صوبيدار هدايت امان جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان آچر ڏينهن جاري بيان مطابق وزيراعظم، دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران نائب صوبيدار هدايت امان جي شهادت تي گهري …
وزيراعظم پاران پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ، نائب صوبيدار جي شهادت تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪندي نائب صوبيدار هدايت امان جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان آچر ڏينهن جاري بيان مطابق وزيراعظم، دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران نائب صوبيدار هدايت امان جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيد نائب صوبيدار هدايت امان کي وطن جي دفاع ۾ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته نائب صوبيدار هدايت امان وطن جي سرحدن جي دفاع ۾ بهادري ۽ فرض شناسي جو عظيم مثال قائم ڪيو. وزيراعظم شهيد جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن ڪرم ضلعي ۾ دهشتگردن جي دراندازي ناڪام بڻائڻ ۽ 12 خوارجين ۽ افغان طالبان کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي سرحدن جي دفاع ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.










