دهشتگردي تي خاموشي ملڪ دشمني برابر آهي، پاڪستان کي ٻيهر تباهي طرف نه وڃڻ ڏينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردي تي خاموشي ملڪ دشمني برابر آهي، دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ وفاق سان گڏ خيبر پختونخوا حڪومت جي به ذميواري آهي، صوبائي حڪومت جي توجهه نه ڏيڻ سبب دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو، خيبر پختونخوا حڪومت دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻجي وئي …

اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردي تي خاموشي ملڪ دشمني برابر آهي، دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ وفاق سان گڏ خيبر پختونخوا حڪومت جي به ذميواري آهي، صوبائي حڪومت جي توجهه نه ڏيڻ سبب دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو، خيبر پختونخوا حڪومت دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻجي وئي آهي، 10 سال ۾ خيبر پختونخوا حڪومت کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 800 ارب روپيا ڏنا ويا، پر پوليس، سي ٽي ڊي جي سگهه ۾ اضافي تي ڪو به ڌيان ناهي ڏنو، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ کي ترجيح ڏني، حڪومتي ٽيم معاملي جي حل لاءِ خلوص نيت سان ڪوشش ڪئي، وزيراعليٰ خيبر پختونخوا ڳالهين ۾ طئي ٿيندڙ مسودي کان پوئتي هٽي ويو، دهشتگردي جي واقعن کي پٺتي اڇلائيندي اسلام آباد تي چڙهائي جو ناپاڪ منصوبو ٺاهيو ويو، ملڪ کي ٻيهر تباهي طرف نه وڃڻ ڏينداسين، قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، افغانستان غير ملڪين جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي، افغان ڌرتي جو پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال هر گز قبول ناهي، پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائينداسين، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول تي معاهدو طي ٿي چڪو آهي، چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آهيون، عالمي سطح تي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو آهي، سعودي عرب تي ٿيل حملن جي شديد مذمت ڪيون ٿا، سعودي عرب سان ٻه طرفه ۽ ٽه ڌرتي داعي معاهدو آهي، حرمين شريفين جي تقدس ۽ تحفظ لاءِ پوري مسلم امت متحد آهي، سعودي عرب خلاف ڪنهن به جارحيت کي برداشت نه ڪنداسين، هن اهڙن خيالن جو اظهار آچر ڏينهن وفاقي ڪابينه جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينه جي ميمبرن کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي چڪو آهي، اميد آهي ته هن سال 1.2 ارب ڊالر جي قسط ملي ويندي، نيويارڪ ۾ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي ڪاميابين ۽ ٽيم ورڪ کي ساراهيو ۽ پاڪستان کي هڪ بدليل پاڪستان قرار ڏنو، اسان سڀئي گڏجي سياسي ۽ فوجي قيادت ملي ڏينهن رات ڪم ڪيو آهي ۽ ملڪ ۾ مالياتي نظم و نسق جنهن جي وڏي عرصي کان ضرورت هئي، سان گڏوگڏ ڍانچا جاتي سڌارا ڪيا ويا آهن، هي هڪ ڊگهو سفر آهي پر جيڪڏهن ڏينهن رات محنت ڪنداسين ته پنهنجي منزل تي پهچي وينداسين. هن لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج جي دوري ۽ پرڏيهي ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪمپنين جي نمائندن سان پنهنجي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جن پاڪستان ۾ ٿيل اقتصادي سڌارن کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن اهڙي طرح اهو سفر جاري رهيو ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ هڪ پرڪشش ملڪ بڻجي ويندو. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري ۾ سفارتي ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو جنهن پرڏيهي شخصيت سان به منهنجي ملاقات ٿي آهي ان پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار رهيو آهي، پر بدقسمتي سان وچ اوڀر ۾ معاملا وري خراب ٿيا. هرمز کان باب المندب ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون، عالمي امن لاءِ اڃا به پاڪستان پنهنجو ڪردار پوري محنت ۽ خلوص سان ادا ڪري رهيو آهي. سفارتي ڪوششن ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو بنيادي ڪردار آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي ۽ پوري ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته هن وفاقي حڪومت طرفان ٺاهيل ٽيڪنالاجي پارڪ جو افتتاح ڪيو ۽ ان جو نالو دانش ٽيڪنالاجي پارڪ رکيو، گذريل حڪومت جي زماني ۾ ان جي شروعات ڪئي وئي، ڪوريا جي حڪومت ان لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏنا پر ان جو حشر ڪهڙو ڪيو ويو، غير به اهڙي طرح جو تصور نٿا ڪري سگهن ۽ هي بربادي جو داستان بڻجي ويو پر اسان جي وزيرن ۽ آفيسرن جي هڪ ٽيم وانگر ڪم ڪري ان منصوبي کي پڄاڻي تي پهچايو، الحمدلله هاڻي هي به مڪمل ٿي چڪو آهي. اهڙي طرح جا منصوبا ڪراچي، لاهور، ڪوئٽا، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ به بڻائينداسين، جتي هزارين نه پر لکين ۽ ڪروڙين نوجوانن لاءِ اسٽارٽ اپس سان گڏوگڏ ايس ايم ايز کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملندو، انڪيوبيشن سينٽرز بڻجندا ۽ نواڻ کي هٿي ملندي ۽ پرڏيهي ڪمپنيون اينديون. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب، چين وانگر پاڪستان جو انتهائي ڀاءُ ۽ بااعتماد دوست ملڪ آهي، مختلف وقتن ۾ سعودي شاهي خاندان ۽ سعودي حڪومت ۽ عوام پاڪستان جي هميشه مدد ڪئي، ايران به پاڪستان جو ڀاءُ ۽ پاڙيسري ملڪ آهي، موجوده حڪومت جي دور ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن، اسان جو هڪ ئي مقصد آهي ته خطي ۾ امن قائم هجي، هرمز کان پوءِ هاڻي باب المندب ۾ به رت جي راند کيڏي پئي وڃي اها انتهائي افسوسناڪ آهي، سعودي عرب سان اسان جا 80 سال نه پر سوين سالن تي ٻڌل اخوت ۽ ايمان جا رشتا آهن، بچاءَ جي حوالي سان اسان جو ٻه طرفو ۽ ٽه ڌري معاهدو آهي، حوثي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، انهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، سعودي عرب خلاف جارحيت جو ڪو به جواز ناهي، ڪجهه هفتا پهرين مڪه مڪرمه مٿان ڊرون کي ڪاميابي سان ناڪام بڻايو ويو، پوري مسلم امت حرمين شريفين جي تقدس ۽ تحفظ لاءِ متحد آهي، پاڪستان مڪمل طور سعودي عرب سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، هر طريقي سان پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، سعودي عرب خلاف ڪنهن به جارحيت کي برداشت نه ڪيو ويندو، مدينه منوره ۽ مڪه مڪرمه جي حرمت جي حفاظت پوري دنيا جي اربين مسلمانن جي ذميواري آهي، هي اسان جو ريڊ لائين آهي پاڪستان مڪمل طور سعودي عرب سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر طريقي سان ان سان تعاون ڪندو، دهشتگردي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ڪي پي ڪي صوبي ۽ بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه گذريل ٻن اڍائي سالن کان ٿي رهيو آهي ۽ جنهن طريقي سان عام شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي دهشتگرد شهيد ڪري رهيا آهن ۽ نشانو بڻائي رهيا آهن اهي انتهائي تڪليف ڏيندڙ واقعا آهن. پاڪ فوج دهشتگردن جي ناس ڪري رهي آهي ۽ کين ڳولهي ڳولهي جهنم ڀيڙو ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته افغانستان کي بار بار باور ڪرايو ويو ته اسان پاڙيسري ملڪ آهيون ۽ اسان کي پاڙيسري بڻجي رهڻو آهي، پر انهن کي اها ڳالهه اڃا تائين سمجهه ۾ ناهي آئي ۽ هو پرڏيهي قوتن جي هٿي ۾ کيڏي رهيو آهي، پاڪستان خلاف دهشتگردي خلاف افغانستان جي سرزمين جو استعمال قبوليت جوڳو ناهي، هر روز دهشتگردي جا ڏکوئيندڙ واقعا ٿين ٿا، ڪي پي ڪي حڪومت بدران دهشتگردن کي للڪارڻ ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻجي وئي آهي، پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ عام شهري، سياستدان، ڊاڪٽرز، انجنيئرز، دڪاندار سڀ شهيد ٿين ٿا ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 2010ع کان 2026ع تائين خيبر پختونخوا حڪومت کي 800 ارب روپيا ڏئي چڪا آهيون پر نه پوليس ۽ نه ئي سي ٽي ڊي کي مضبوط ڪيو ويو ۽ نه ئي ان جي تربيت تي ڌيان ڏنو ويو، ۽ نه ئي انٽيليجنس کي بهتر بڻايو ويو، ٽانڪ، ڊيره اسماعيل خان ۽ ٻين هنڌن تي دهشتگردي جا هر ايندڙ ڏينهن واقعا ٿي رهيا آهن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏ صوبائي حڪومت به ذميواري آهي، دهشتگرد ٻين کي ته نشانو بڻائين ٿا پر انهن جا جلوس حفاظت سان نڪرن ٿا، ان جو ڇا مطلب ورتو وڃي. دهشتگردي سبب صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ پوءِ هاڻي اسلام آباد تي ڪاهه جو هنن ناپاڪ منصوبو بڻايو آهي، جڏهن معيشت جا اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن، پرڏيهه مان ايندڙ ناڻي ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، مالياتي نظم و ضبط بهتر ٿيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بلند ترين سطح تي آهن، تيل جي بحران سان پيدا ٿيندڙ صورتحال سان ٽيم ورڪ طور منهن ڏئي رهيا آهيون، فيول سبسڊي مان ڪروڙين ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، عالمي سطح تي پاڪستان کي سفارتي ڪاميابيون ملي رهيون آهن ته هي ٽولو لانگ مارچ ذريعي اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ چاهي ٿو، ماضي جي ڀيانڪ يادن کي تازو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ته ملڪ کي ٻيهر تباهي جي دروازي تي وٺي وڃجي، پاڪستان کي ٻيهر تباهي جي دروازي تي وٺي وڃي پاڪستان سان دشمني ڪرڻ چاهين ٿا، 13 سالن کان خيبر پختونخوا م حڪومت ڪري رهيا آهن، پر عوام کي هنن ڇا ڏنو، مان سمجهان ٿو ته ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني جو ڪو ٻيو عمل نٿو ٿي سگهي، هي چاهين ٿا ته مزدور ڪارخاني نه وڃن، دڪاندار دڪانن تي نه وڃي سگهن، ٻار اسڪول نه وڃي سگهن ۽ پاڪستان ۾ ڪو به سيڙپڪاري نه ڪري ۽ ملڪ ٻيهر تباهي طرف اچي وڃي. هي پاڪستان کي بلڪل لاچار ڪرڻ چاهين ٿا، اهو نه ٿيندو. قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو ۽ هر صورت بڻائيندو. وزيراعظم چيو ته پيپلز پارٽي ۽ پي ايم ايل اين ڳالهين سان معاملا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، صدر مملڪت آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، ميان محمد نواز شريف جي اجازت سان ڳالهيون ٿيون، اميد به پيدا ٿي وئي هئي ته معاملا طئي ٿي ويندا، خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ سبب ان م رڪاوٽون اچي ويون ۽ ڳالهيون اڳتي نه وڌي سگهيون. هو طئي ٿيل مسودي کان پوئتي هٽي ويو، هو نٿو چاهي ته ملڪ ۾ امن قائم ٿئي، هو نٿو چاهي ته اهو ترقي جو سفر اڳيان وڌي، هو نٿو چاهي ته اسان جي سفارتي ڪاميابي اڳتي وڌي، هو نٿو چاهي ته معاشي انقلاب اچي. وزيراعظم چيو ته جميعت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان سان به ملاقات ٿي، هن به ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي حامي ڀري، کيس پوءِ به غير رسمي طور چيو ويو ته لانگ مارچ ختم ڪيو، هاڻي اسان ڳالهيون ڪري سگهون ٿا پر هنن ان جو ڪو به مثبت جواب نه ڏنو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي واقعن م عام سهري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي رهيا آهن، پر خيبر پختونخوا جي حڪومت ۽ وڏي وزير کي توفيق نٿي ٿئي ته هو انهن واقعن جي مذمت ڪري، هاڻي پاڻي مٿي کان گذري رهيو آهي، اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ، هاڻ يا ڪڏهن به نه تاريخ اسان کي انهن فيصلن سان ياد رکندي.

مزید خبریں