اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض جي شاهه خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حوثي مليشيا جي حملي جي شديد مذمت ڪندي سعودي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. آچر تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم رياض جي شاهه خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حوثي مليشيا جي حملي جي شديد مذمت ڪندي فوت ٿي ويلن جي ڪٽنبن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي رياض جي شاهه خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حوثي مليشيا جي حملي جي شديد مذمت، سعودي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض جي شاهه خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حوثي مليشيا جي حملي جي شديد مذمت ڪندي سعودي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. آچر تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم رياض جي شاهه خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حوثي مليشيا جي حملي جي شديد مذمت ڪندي فوت ٿي ويلن جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته شهرين ۽ اهم ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ وارا حملا قبولڻ جوڳا نه آهن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهن. هن وڌيڪ چيو ته عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي تي مشتمل اهڙا تشدد وارا قدم فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ملڪ جو عوام سعودي عرب، ان جي قيادت ۽ عوام سان گڏ آهي، مڪه گڏيل دفاعي معاهدو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود لاڳاپن تحت اسان سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سلامتي لاءِ پنهنجي اڻٽر عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا.










