صدر آصف علي زرداري پاران پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرم ۾ پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بنائڻ دوران نائب صوبيدار هدايت امان جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو …

اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرم ۾ پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بنائڻ دوران نائب صوبيدار هدايت امان جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ کيس وطن جي دفاع ۾ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت شهيد جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا به ڪئي. هن چيو ته نائب صوبيدار هدايت امان جرئت ۽ بهادري جو عظيم مثال قائم ڪندي وطن جي سرحدن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي. صدر مملڪت دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ ۽ 12 خوارجين ۽ افغان طالبان کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته افغان حڪومت جي دهشتگرد عنصرن جي سرپرستي ۽ معاونت علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي، پاڪستان جي رياست جي تحمل، احتياط ۽ ذميواراڻي رويي کي جيڪڏهن غير قانوني ۽ غير نمائنده افغان طالبان حڪومت اسان جي ڪمزوري سمجهي ٿي ته اها ان جي سنگين حماقت آهي، پاڪستان نه صرف اهڙي دراندازي ڪندڙ دهشتگردن کي ماري سگهي ٿو پر انهن جي سرپرستن کي به ختم ڪري سگهي ٿو، بهتر اهو آهي ته اهو لَڏو پنهنجي پاليسين تي پنهنجي ئي مفاد ۾ نظرثاني ڪري.

مزید خبریں