راولپنڊي- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪرم ضلعي ۾ پاڪ افغان عالمي سرحد تي اعليٰ ترين هوشياري جو مظاهرو ڪندي افغانستان مان خوارج جي هڪ گروهه جي در اندازي جي ڪوشش کي اثرائتي جوابي ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن دوران افغان طالبان چوڪين طرفان خوارجين جي پٺڀرائي ۽ فائرنگ باوجود 12 خوارج ۽ افغان طالبان مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بهادري سان وڙهندي …
پاڪ افغان سرحد تي خوارجين جي در اندازي ناڪام، سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 12 دهشتگرد افغان طالبان مارجي ويا، نائب صوبيدار شهيد

مزید خبریں
راولپنڊي- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪرم ضلعي ۾ پاڪ افغان عالمي سرحد تي اعليٰ ترين هوشياري جو مظاهرو ڪندي افغانستان مان خوارج جي هڪ گروهه جي در اندازي جي ڪوشش کي اثرائتي جوابي ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن دوران افغان طالبان چوڪين طرفان خوارجين جي پٺڀرائي ۽ فائرنگ باوجود 12 خوارج ۽ افغان طالبان مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بهادري سان وڙهندي پاڪ فوج جو نائب صوبيدار هدايت امان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر مطابق گذريل ڏينهن ڪرم ضلعي ۾ پاڪ افغان عالمي سرحد سان گڏ خوارج جي هڪ گروهه جي چرپر جو پَتو لڳايو ويو جيڪو افغانستان مان پاڪستان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ان کي سيڪيورٽي فورسز اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو. سيڪيورٽي فورسز اعليٰ ترين هوشياري برقرار رکندي دراندازي جي ان ڪوشش کي اثرائتي انداز ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته افغان طالبان جي چوڪين به خوارج جي ان دراندازي جي حمايت ۾ فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. چوڪس جوانن جي مهارت جي نتيجي ۾ 12 خوارج ۽ افغان طالبان مارجي ويا، جڏهن ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 40 سالن جو نائب صوبيدار هدايت امان جيڪو غذر ضلعي جو رهائشي آهي بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪ افغان سرحد تي پيش آيل اهو واقعو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي ان حقيقت ۽ ٺوس موقف جي تصديق ڪري ٿو ته افغان طالبان رجيم دهشگرد تنظيم کي افغان سرزمين جي استعمال کان روڪڻ ۾ ڄاڻي واڻي مڪمل ناڪام رهي آهي ۽ هو سرحد پار دهشتگردي جي سهولتڪاري ۽ سرپرستي ڪري رهي آهي. افغان طالبان رجيم دهشتگردي جي خاتمي بابت پنهنجي عالمي ذميوارين کي نڀائڻ ۾ مسلسل ناڪام رهي آهي. آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز وطن جي سرحدن جي دفاع لاءِ پنهنجي عزم تي پختي ۽ ثابت قدم آهي، علائقي ۾ موجود ڀارتي سرپرستي يافته ٻين خوارجين جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان پرڏيهه مان مالي معاونت ۽ پٺڀرائي حاصل ڪندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ويزن عزم استحڪام (جنهن جي منظوري نيشنل ايڪشن پلان جي وفاقي ايپڪس ڪميٽي ڏني آهي) جي تحت دهشتگردي جي خاتمي جي بنا وقفي سان مهم پوري قوت سان جاري رهندي. اسان جي بهادر جوانن جون اهي قربانيون هر قيمت تي پنهنجي وطن ۽ ان جي سرحدن جي تحفظ جي پختي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿيون.










