خيبرپختونخوا ۾ نئي انتظامي مقرري، گريڊ 22 جو سينيئر آفيسر ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان نئون چيف سيڪريٽري مقرر

اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي حڪومت ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 22 جي سينيئر بيوروڪريٽ ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان کي خيبرپختونخوا جو نئون چيف سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نيوٽيفڪيشن مطابق ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان کي چيف سيڪريٽري طور مقرري فوري طور لاڳو سمجهي ويندي ۽ هو ٻي حڪم تائين پنهنجا فرض انجام …

اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي حڪومت ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 22 جي سينيئر بيوروڪريٽ ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان کي خيبرپختونخوا جو نئون چيف سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نيوٽيفڪيشن مطابق ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان کي چيف سيڪريٽري طور مقرري فوري طور لاڳو سمجهي ويندي ۽ هو ٻي حڪم تائين پنهنجا فرض انجام ڏيندو رهندو. ڊاڪٽر محمد فخر عالم عرفان ان اهم ذميواري کان اڳ توانائي واري وفاقي وزارت جي پاور ڊويزن ۾ وفاقي سيڪريٽري طور فرض ادا ڪري رهيو هو. سندس تعلق خيبرپختونخوا جي ضلعي مردان سان آهي ۽ هو انتظامي معاملن جو وسيع ۽ ڊگهو تجربو رکي ٿو. وفاقي حڪومت پاران ان اعليٰ سطحي مقرري جو نيٽيفڪيشن 11 آڪٽوبر 2026ع تي جاري ڪيو ويو.

مزید خبریں