خيبرپختونخوا ۾ بيوروڪريسي ۾ تبديلي، چيف سيڪريٽري شهاب علي سميت 4 سينيئر آفيسرن کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا جي اعليٰ بيوروڪريسي ۾ وڏي پيماني تي تبديلي ڪندي صوبي جي چيف سيڪريٽري سميت اهم انتظامي عهدن تي مقرر سينيئر آفيسرن کي سندن عهدن تان هٽائي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جو باضابطه حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي ٽرانسفر جا باضابطه نوٽيفڪيشنز جاري ڪري ڇڏيا آهن. جاري ڪيل …

اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا جي اعليٰ بيوروڪريسي ۾ وڏي پيماني تي تبديلي ڪندي صوبي جي چيف سيڪريٽري سميت اهم انتظامي عهدن تي مقرر سينيئر آفيسرن کي سندن عهدن تان هٽائي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جو باضابطه حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي ٽرانسفر جا باضابطه نوٽيفڪيشنز جاري ڪري ڇڏيا آهن. جاري ڪيل حڪمن مطابق خيبرپختونخوا جي موجوده چيف سيڪريٽري شهاب علي کي سندس عهدي تان فارغ ڪري فوري طور وفاق ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ ئي صوبائي حڪومت ۾ اهم انتظامي پوزيشنز تي مقرر گريڊ 21 جي سينيئر آفيسر اڪرام الله کي به صوبي مان هٽائي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طلب ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشنز مطابق گريڊ 20 سينيئر آفيسر شاهد الله جو خيبرپختونخوا مان ٽرانسفر ڪري سندس خدمتون به اسٽيبلشمينٽ ڊويزن حوالي ڪيون ويون آهن جڏهن ته گريڊ 19 جي آفيسر شاه فهد کي به فوري طور تي پنهنجون ذميواريون ڇڏي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اسلام آباد رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. وفاق طرفان ڪيل ان وڏي انتظامي فيصلي بعد صوبائي کاتن ۾ نين مقررين جو عمل شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

مزید خبریں