اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته مضبوط، خوشحال ۽ منصفاڻي معاشري جي تعمير لاءِ ٻارڙين کي بااختيار بڻائڻ اڻٽر آهي. پي پي پي ميڊيا سيل مان ڌيئرن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جاري پيغام ۾ هن چيو ته ڌيئرن کي بار نه پر اميد، خوشحالي ۽ روشن مستقبل جي علامت سمجهڻ گهرجي، سندن تعليم، صحت ۽ تحفظ …
مضبوط، خوشحال ۽ منصفاڻي معاشري جي تعمير لاءِ ٻارڙين کي بااختيار بڻائڻ اڻٽر آهي: سينيٽر شيري رحمان

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته مضبوط، خوشحال ۽ منصفاڻي معاشري جي تعمير لاءِ ٻارڙين کي بااختيار بڻائڻ اڻٽر آهي. پي پي پي ميڊيا سيل مان ڌيئرن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جاري پيغام ۾ هن چيو ته ڌيئرن کي بار نه پر اميد، خوشحالي ۽ روشن مستقبل جي علامت سمجهڻ گهرجي، سندن تعليم، صحت ۽ تحفظ تي سيڙپڪاري اصل ۾ ملڪي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جو تاريخي سياسي سفر عورتن جي صلاحيتن، قيادت ۽ ڪاميابين جو روشن مثال آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي)، وسيله تعليم ۽ تعليمي وظيفن جهڙن قدمن جو مقصد مستحق خاندانن کي مالي سهڪار فراهم ڪرڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائڻ آهي.











