وزيراعظم پاران خيبر پختونخواهه ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر پختونخواهه ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. عزم استحڪام جي وزن تحت جاري ڪاررواين دوران فتنه الخوارج …

اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر پختونخواهه ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. عزم استحڪام جي وزن تحت جاري ڪاررواين دوران فتنه الخوارج جا ڪيترائي ٺڪاڻا پڻ تباهه ڪيا ويا ۽ وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود قبضي ۾ ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايُون جاري رهنديُون، حڪومت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.