پشاور- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اتر وزيرستان ۾ خارجين خلاف ڪامياب ڪاررواين دوران 7 خارجين کي جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان مطابق گورنر فيصل ڪرم ڪنڊي چيو ته سيڪيورٽي فورسز پاران 7 خارجين کي جهنم حوالي ڪرڻ فورسز جي پيشيوراڻي مهارت کي ظاهر ڪري ٿو. جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو …
ڪي پي ڪي جي گورنر پاران اتر وزيرستان ۾ 7 خارجين کي جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
پشاور- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اتر وزيرستان ۾ خارجين خلاف ڪامياب ڪاررواين دوران 7 خارجين کي جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان مطابق گورنر فيصل ڪرم ڪنڊي چيو ته سيڪيورٽي فورسز پاران 7 خارجين کي جهنم حوالي ڪرڻ فورسز جي پيشيوراڻي مهارت کي ظاهر ڪري ٿو. جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقتائتي ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز اتروزيرستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ۽ وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولابارود هٿ ڪيو آهي. دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون واکاڻ جوڳيون آهن. قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ جٽادار امن جي قيام تائين گڏيل ڪوششون جاري رهنديون.











