اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي مسلسل سهولتڪاري ۽ موثر فالواپ جي نتيجي ۾ پنجاب جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ صنعتي سرگرمين ۾ تيزي لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ايس آءِ ايف سي مطابق سيپٽمبر دوران خصوصي اقتصادي زونز ۾ 34 ڪاروباري درخواستن جي منظوري سان 76 ارب رپين کان وڌيڪ جي امڪاني سيڙپڪاري جو رستو …
ايس آءِ ايف سي جي سهولتڪاري سان پنجاب جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ 76 ارب رپين کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جو رستو هموار

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي مسلسل سهولتڪاري ۽ موثر فالواپ جي نتيجي ۾ پنجاب جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ صنعتي سرگرمين ۾ تيزي لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ايس آءِ ايف سي مطابق سيپٽمبر دوران خصوصي اقتصادي زونز ۾ 34 ڪاروباري درخواستن جي منظوري سان 76 ارب رپين کان وڌيڪ جي امڪاني سيڙپڪاري جو رستو هموار ٿيو آهي، جنهن سان صنعتي ترقي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملڻ جي توقع آهي. ان اڳڀرائي تحت ٽيڪسٽائل، ڪيميڪلز، زرعي پروسيسنگ ۽ ٻين اهم شعبن ۾ 7 هزار کان وڌيڪ امڪاني روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ جي توقع آهي، جنهن سان مقامي سطح تي معاشي سرگرمين ۽ روزگار جي موقعن کي هٿي ملي سگهي ٿي. ايس آءِ ايف سي جي سهولتڪاري سان خصوصي اقتصادي زونز ۾ التوا هيٺ ڪاروباري درخواستن تي اڳڀرائي تيز ٿي آهي.










