اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان رومن ڪيٿولڪ چرچ ۽ ويٽيڪن سٽي جي مرڪزي انتظاميا هولي سي جي رياستن ۽ عالمي تنظيمن سان لاڳاپن واري سيڪريٽري آرچ بشپ پال رچرڊ گالاگر پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ هولي سي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مذهبن جي وچ ۾ گڏيل احترام، افهام تفهيم …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان رومن ڪيٿولڪ چرچ ۽ ويٽيڪن سٽي جي مرڪزي انتظاميا هولي سي جي رياستن ۽ عالمي تنظيمن سان لاڳاپن واري سيڪريٽري جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان رومن ڪيٿولڪ چرچ ۽ ويٽيڪن سٽي جي مرڪزي انتظاميا هولي سي جي رياستن ۽ عالمي تنظيمن سان لاڳاپن واري سيڪريٽري آرچ بشپ پال رچرڊ گالاگر پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ هولي سي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مذهبن جي وچ ۾ گڏيل احترام، افهام تفهيم سمجهه ۽ پرامن گڏيل بقا جي فروغ جي عزم کي ورجايو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آرچ بشپ جو استقبال ڪيو ۽ امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ ۾ هولي سي جي ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستان جي ڪيٿولڪ برادري جي خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ قيمتي خدمتن کي پُڻ ساراهيو. آرچ بشپ گالاگر ثالثي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ذريعي علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پوپ ليو چوٿين جي امن ۽ فلسطين تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ اصولي مطالبن کي ساراهيو ۽ فلسطيني عوام سان پاڪستان جي مسسل پختي يڪجهتي کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن جاري انساني بحران تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي خطي ۾ امن جي فروغ جي لاءِ مسلسل عالمي ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ هولي سي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مذهبن جي وچ ۾ گڏيل احترام، افهام و تفهيم ۽ پرامن گڏيل بقا جي فروغ جي عزم کي ورجايو. آرچ بشپ پاڪستان ۽ هولي سي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.











