اسلام آباد - 07 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اڀرندڙ ٽيڪالاجيز جي غلط استعمال جي روڪٿام، هٿيارن جي ڊوڙ ۽ ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ عالمي قانون جي پاسداري يقيني بڻائڻ کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان کي تڪرارن جي روڪٿام ۽ ثالثي جي طريقيڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو، معاهدن تحت …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران اڀرندڙ ٽيڪالاجيز جي غلط استعمال جي روڪٿام، هٿيارن جي ڊوڙ ۽ ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ عالمي قانون جي پاسداري يقيني بڻائڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اڀرندڙ ٽيڪالاجيز جي غلط استعمال جي روڪٿام، هٿيارن جي ڊوڙ ۽ ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ عالمي قانون جي پاسداري يقيني بڻائڻ کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان کي تڪرارن جي روڪٿام ۽ ثالثي جي طريقيڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو، معاهدن تحت لاڳو ذميوارين ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ گهرجي، فلسطين جي مسئلي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو ۽ پُرامن حل ان عزم جي بنيادي امتحانن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن فارن سروسز اڪيڊمي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته دنيا جي مختلف خطن ۾ گڏيل قومون قومي سياسي عمل کي سهولت فراهم ڪري ٿو، جنگبندي جي لاءِ ثالثي ڪري ٿو ۽ امن معاهدن جي حمايت ڪري ٿو، جولاءِ 2022ع ۾ ترڪيه ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ذاتي ثالثي سان طئي ٿيندڙ “بحيره اسود اناج قدم” تحت ان جي عملي عرصي ۾ 3 ڪروڙ 20 لک ٽن کان وڌيڪ اناج ۽ ٻين غذائي شين جي برآمد ممڪن ٿي. هن چيو ته گڏيل قومن جا امن دستا جنگبندي برقرار رکڻ، شهرين جي تحفظ ۽ سياسي حل جي لاءِ سازگار ماحول قائم رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا، دنيا جا نمايان فوجي دستا فراهم ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان به شامل آهي جنهن تي فخر آهي، اسان جي بهادر امن دستن جي اهلڪارن گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ امن جي خدمت ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. نائب وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي انساني همدرديءَ جا ادارا ۽ ان جا اهلڪار به اسان جي گهري ساراهه جا مستحق آهن، غزه، سوڊان يا ڪنهن به اهڙي خطي ۾ جتي تڪرارن، رڪاوٽن ۽ شديد ذاتي خطرن کي منهن ڏنو هجي، اهي زميني سطح تي موجود رهن ٿا، زندگي بچائيندڙ امداد فراهم ڪن ٿا ۽ انساني همدرديءَ جي اصولن کي برقرار رکن ٿا، انهن جي جرئت سان انهن جي تحفظ، بنا رڪاوٽ پهچ ۽ مناسب وسيلن جي فراهمي به يقيني بڻائڻ گهرجي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اهڙي طرح دهشتگردي جو خاتمو به اهو شعبو آهي جتي گڏيل قومن گهڻ رخي قدمن جي عملي اهميت کي ثابت ڪيو آهي، پاڪستان انهن ڪوششن ۾ هڪ فعال حصيدار رهيو آهي ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پنهنجي وسيع تجربي ۽ پختي عزم سان ڪم وٺي رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي به خصوصي طور تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته هن گڏيل قومن جي چارٽر جي دفاع جي لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي ذميواري جي مدي دوران امن جي فروغ، ماحولياتي قدمن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ ڪمزور طبقن جي حقن جي لاءِ مسلسل ۽ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون، ان جي قيادت ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل قدمن کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان جي لاءِ هو حقيقي معنى ۾ پاڪستان جو هڪ عظيم دوست رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته اسان کي تڪرارن جي روڪٿام ۽ ثالثي جي طريقيڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو، گهڻ رخي نظام جي لاءِ پاڪستان جو عزم اسان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم ٿنڀ آهي، فطري طور تي پاڪستان گڏيل قومن جو هڪ مضبوط حامي ۽ پرجوش وڪيل آهي. هن چيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي مستقل بنيادن تي پاسداري ڪئي وڃي، رياستن جي خودمختياري، برابري، علائقائي سالميت، عدم مداخلت، طاقت جي استعمال يا ان کي ڌمڪي جي منع ۽ خودمختياري جي حق جو احترام ڪرڻ گهرجي، معاهدن تحت لاڳو ذميوارين ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ گهرجي، فلسطين جي مسئلي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو ۽ پُرامن حل ان عزم جي بنيادي امتحانن ۾ شامل آهي، عالمي لاڳاپن ۾ سفارتڪاري کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪوششن جي نتيجي ۾ قرارداد 2788 سامهون آئي جيڪا جولاءِ 2025ع ۾ پاڪستان جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران متفقه طور تي منظور ڪئي وئي، اها قرارداد 12 سالن کانپوءِ منظور ٿي ۽ ان تڪرارن جي پُرامن حل جي بنيادي اهميت جي توثيق ڪئي، پاڪستان جي ثالثي جي نتيجي ۾ 47 سالن کانپوءِ ايران ۽ لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه، جنگبندي ۽ ان کانپوءِ اسلام آباد مفاهمت جي يادداشت تي اتفاق ممڪن ٿيو، جنهن تي هلندڙ سال 18 جون تي صحيحون ڪيون ويون، ان عمل خطي ۾ هڪ تباهي آڻيندڙ عالمي بحران کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏني. هن چيو ته اهڙي طرح 2025ع ۾ 8 عرب اسلامي ملڪن جي گروپ جي ذريعي غزه امن منصوبي جي لاءِ اسان جي حمايت به انهن ڪوششن جو حصو آهي، اهي سمورا قدم ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڳولڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو عملي مظهر آهن. نائب وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي ساک ۽ موثر انداز ۾ نتيجا ڏيڻ جي صلاحيت کي مضبوط بڻايو وڃي، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جي ذريعي چونڊيل نمائندگي ۽ جوابدهي کي وسعت ڏيڻ گهرجي جڏهن ته مراعتن، مستقل ميمبرشپ ۽ ويٽو جي استحقاق کي محدود ڪرڻ گهرجي، سڀني جي لاءِ سڌارن، ڪنهن جي لاءِ خصوصي مراعتون نه آهن، جنرل اسيمبلي ۽ اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل کي بااختيار بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل قومن جي 80هين سالگرهه جي موقعي تي سڌارن جي عمل کي انهن سمورن ٿنڀن کي مضبوط بڻائڻ گهرجي جنهن جي لاءِ قابل اڳواٽ مالي وسيلا ۽ سمورو ضروري تعاون فراهم ڪيو وڃي، ترقي، انساني همدرديءَ جي ڪاررواين، امن قائم ڪرڻ ۽ امن جي استحڪام جي لاءِ مستقل وسيلا ۽ مسلسل سياسي حمايت گهربل آهي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي غلط استعمال جي روڪٿام، هٿيارن جي ڊوڙ ۽ ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ عالمي قانون جي پاسداري يقيني بڻائڻ به لازمي آهي. هن چيو ته گهڻ رخي نظام تي اعتماد مستقل طرز عمل، منصفاڻي فيصلن ۽ عملي نتيجن جي ذريعي بحال ڪري سگهجي ٿو، گڏيل قومن جي وجود ۽ ان جي اهميت جي سڀ کان مضبوط توثيق اها ئي آهي ته ان کي پنهنجي مينڊيٽ جي موثر تڪميل جي قابل بڻايو وڃي، ان جي بنيادي ذميواري ميمبر ملڪن تي لاڳو ٿئي ٿي جن کي گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون، پاڪستان اهڙي عالمي نظام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي جتي تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪيو وڃي ۽ انصاف جي ذريعي امن کي پائيدار بڻايو وڃي. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پڻ خطاب ڪيو.










