ڪي پي حڪومت جي دهشتگردي تي مجرماڻي ڪوتاهي برداشت کان ٻاهر آهي، صوبي کي طالبان جي اتحادين جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي: وفاقي وزير خواجه محمد آصف

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت جي دهشتگردي کان مڪمل لاتعلقي ۽ مجرماڻي بي حسي حد کان وڌي چڪي آهي. هاڻي اهم فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ خيبرپختونخوا جي عوام کي طالبان جي اتحادين ۽ نااهل حڪمرانن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ دفاع واري وزير چيو ته …

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت جي دهشتگردي کان مڪمل لاتعلقي ۽ مجرماڻي بي حسي حد کان وڌي چڪي آهي. هاڻي اهم فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ خيبرپختونخوا جي عوام کي طالبان جي اتحادين ۽ نااهل حڪمرانن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ دفاع واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي قيادت هڪ ناڪام سياسي لانگ مارچ لاءِ روڊن تي گهمي رهي آهي، جڏهن ته ساڳئي وقت انهن جي سهولتڪارن خيبرپختونخوا جي معصوم عوام خلاف دهشتگردي جي نئين لهر شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته 6 آڪٽوبر تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن ڪسٽمز جي ٻن اهلڪارن سميت 5 بيگناهه ماڻهن کي بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو، پر وڏي وزير ۽ سندس ڪابينا روايتي بي حسي جو مظاهرو ڪندي نه ئي هن بربريت جي مذمت ڪئي ۽ نه ئي جنازن ۾ شرڪت ڪئي ۽ نه ئي انهن جي خاندانن سان تعزيت ڪرڻ جي زحمت ڪئي. خواجه آصف چيو ته هن سنگين واقعي تي افسوس جي ابتڙ وڏي وزير پنهنجي پارٽي جي حڪم تي رات جو دير سان اجلاس سڏائي آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا کي ڇنڊ پٽي ته هنن گورنر جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي اجلاس ۾ شرڪت ڇو ڪئي هئي. هن چيو ته دهشتگردي جي باهه ۾ سڙندڙ صوبي جي عوام کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي، جنهن جي ڪري هاڻي عوام پاڻ صوبائي حڪومت خلاف روڊن تي احتجاج ڪري رهي آهي. دفاع واري وزير جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه جي عوام جو تمام گهڻو رت وهي چڪو آهي ۽ هاڻي اهو برداشت نه ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ حڪومت ۽ دهشتگردن وچ ۾ ڳٺ جوڙ ۽ سهولتڪاري جا ڪافي ثبوت آهن، جيڪي قوم گذريل ٽن سالن کان ڏسي رهي آهي. هن واضح ڪيو ته ماضي ۾ جڏهن نواز شريف، سندس خاندان ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل ۾ وڌو ويو هو، تڏهن به مسلم ليگ (ن) ادارن کي يرغمال نه بڻايو پر آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪيو ۽ ڪڏهن به طالبان سان هٿ نه ملايو. خواجه آصف واضح لفظن ۾ خبردار ڪيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ وحدت کي داءُ تي لڳائي سڄي صوبي کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي، هاڻي بس، تمام گهڻو ٿي چڪو.

مزید خبریں