گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي جي ايڇ ڪيو آمد، آرمي چيف سان ملاقات، علائقائي سيڪيورٽي ۽ ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون

راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي جو دورو ڪيو ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان اهم ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار تي …

راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي جو دورو ڪيو ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان اهم ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن خطي جي مجموعي استحڪام، ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي، ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ افغانستان جي سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي جي چئلينجز تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي آرمي چيف عالمي امن امان لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪ فوج جي تاريخي خدمتن کي اجاڳر ڪيو. هن عالمي سطح تي امن جي قيام، علائقائي استحڪام ۽ انساني همدردي جي شعبن ۾ گڏيل قومن جي ڪرداري ۽ سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي قيادت کي ساراهيو. يو اين سيڪريٽري جنرل دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان ۽ ان جي هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين ۽ لازوال خدمتن تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. هن عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ فعال ڪردار جو اعتراف ڪندي علائقائي تڪرارن جي پر امن حل لاءِ پاڪستان جي سفارتي ۽ عملي ڪوششن جي خاص تعريف ڪئي.

مزید خبریں